ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جون واشنگٽن ڊي سي ۾ اهم ملاقاتون

واشنگٽن-16 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب آمريڪي گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي ۾ اهم ملاقاتن ۽ تقريبن کي خطاب ڪيو جن ۾ هن  پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري، ڪاروباري برادري جي اعتماد ۾ نمايان اضافي ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کان آگاهه ڪيو. هن پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ وڌندڙ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي سٺو سنئون قرار ڏيندي پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي …

واشنگٽن-16 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب آمريڪي گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي ۾ اهم ملاقاتن ۽ تقريبن کي خطاب ڪيو جن ۾ هن  پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري، ڪاروباري برادري جي اعتماد ۾ نمايان اضافي ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کان آگاهه ڪيو. هن پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ وڌندڙ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي سٺو سنئون قرار ڏيندي پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي جي منصوبن ۾ سعودي سيڙپڪاري جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ موسمياتي استحڪام ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ قرضن جي بهتر نظم ۽ نسق، فني صلاحيت ۾ اضافي ۽ پائيدار مالي وسيلن تائين پهچ ضروري آهي. وفاقي وزير عالمي مالياتي فنڊ ۽ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي واشنگٽن ڊي سي ۾ سعودي هم منصب محمد عبدالله عبدالعزيز الجد عان سان اهم ملاقات ڪئي. هن ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ واپاري لاڳاپن ۽ سيڙپڪاري کي اجاگر ڪيو. هن سعودي هم منصب کي قومي ايئر لائين پي آءِ اي ۽ هوائي اڏن جي نجڪاري تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان ۾ نجي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون. نجي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ عالمي مالياتي ڪارپوريشن ۽ ملٽي ليٽرل انويسٽمنٽ گارنٽي ايجنسي (ميگا) جي اهم ڪردار تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي جي منصوبن لاءِ سعودي حمايت جي خواهش جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف پروگرام تحت سڌارن جي ايجنڊا تي ثابت قدمي سان ڪاربند رهڻ جو عزم ظاهر ڪيو. ناڻي واري وزير آمريڪي انٽرنيشنل ڊولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن جي سي اي او بينجمن بليڪ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران آمريڪا سان سيڙپڪاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ تيل ۽ گئس، معدنيات، زراعت، آءِ ٽي ۽ دواسازي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن تي روشني وڌي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق راءِ آهي. ناڻي واري وزير ڊي ايف سي طرفان نجي شعبي جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دلچسپي جي آجيان ڪئي. محمد اورنگزيب باروئرز فورم جي گول ميز ڳالهين ۾ شرڪت ڪندي قرضن جي ادائيگين ۽ سماجي شعبن ۾ سيڙپڪاري وچ ۾ توازن جي اهميت تي روشني وڌي. هن فورم جي قيام کي اجتماعي عمل، علم جي مٽاسٽا ۽ پاليسي هم آهنگي لاءِ هڪ مثبت قدم قرار ڏنو. هن قرضن جي بهتر نظم ۽ ضبط، فني صلاحيتن ۾ اضافو ۽ پائيدار مالي وسيلن تائين رسائي جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن موسمياتي استحڪام ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي کي هٿي ڏئي سگهجي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب آذربائيجان جي نائب اول ناڻي واري وزير انار ڪريموف سان به ملاقات ڪئي. ملاقات دوران هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ۽ معاشي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير آذربائيجان کي ڪوپ -29 جي ڪامياب طريقي سان منعقد ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون، هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري معاهدن ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدن کي ٻطرفي واپار کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مضبوط اڳڀرائي قرار ڏنو. انهن معاهدن سان واپار کي تيل ۽ چانورن جهڙن روايتي شين کان وڌيڪ اڳتي ٽيڪسٽائيل، فارماسيوٽيڪل، ڪيميڪل، مشينري ۽ زرعي مصنوعات تائين وسعت ملندي. ناڻي واري وزير پاڪستان بئنڪ فنڊ اسٽاف ايسوسيئيشن جي ميمبرن سان به ملاقات ڪئي. ناڻي  واري وزير ايسوسيئيشن کي پاڪستان ۾ مالياتي، مانيٽري پاليسي ۽ پرڏيهي شعبن ۾ تازي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ ڪريڊٽ ريٽنگ ۽ ان جي مثبت اثرن کان پڻ آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير تقرير ۾ مالياتي نظم ۽ ضبط، توانائي، سڌارن، نجڪاري، سماجي تحفظ ۽ جامع ترقي جي عزم تي ڪاربند رهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير ملٽي ليٽرل انويسٽمينٽ گارنٽي ايجنسي (ميگا) جي ايگزيڪيٽو نائب صدر هيروشي ماتانو سان پڻ ملاقات ڪئي. هن جاري ثالثي معاملن ۾ سهڪار تي ميگا جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پاڪستان پاران سيڙپڪارن جي اعتماد ۽ قومي مفاد جي تحفظ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير ميگا طرفان ڊگهي مدي واري واپاري فنانس سهولت جي تجويز ڪيل منصوبي جي آجيان ڪئي، تجويز ڪيل منصوبي تحت خوراڪ، ڀاڻ، توانائي ۽ ضروري مشينري جي آمدني واپار ۾ مدد حاصل ٿيندي. ناڻي واري وزير اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ جي اعليٰ انتظاميه سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ بئنڪ جي پراڻي حصيداري وارن لاڳاپن جي تعريف ڪئي. ڳالهين دوران هن عالمي ريٽنگ ايجنسين پاران پاڪستان جي معاشي سڌارن جي توثيق جو ذڪر ڪيو. هن پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ يو بانڊ ۽ عالمي سڪوڪ ذريعي سرمايو مارڪيٽ ۾ پهچ وارن منصوبن تي ڳالهه ڪئي. ملاقات ۾ واپاري فنانسنگ سهولتن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ناڻي واري وزير بئنڪ کي وڌيڪ تجويزون پيش ڪرڻ جي درخواست ڪئي. سينيٽر اورنگزيب ڪوليشن آف فنانس منسٽرز فار ڪلائميٽ ايڪشن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هن برطانوي جي معيشت بابت مشهور  ماهر اسٽيفن ڊرڪون سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ وال اسٽريٽ جنرل سان ميڊيا انٽريڪشن ۾ پڻ حصو ورتو. سڄي ڏينهن دوران مصروف ملاقاتن جي پڄاڻي تي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب واشنگٽن ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ پاران پاڪستان هائوس ۾ ڏنل آجياڻي ۾ ناليوارين پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير آجياڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي ملڪ جي معاشي صورتحال سميت ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۽ ساختي سڌارن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، هن ٻڌايو ته حڪومت ضوابطي عمل کي آسان بڻائڻ، ٽيڪسيشن نظام ۾ بهتري ۽ توانائي، رياستي ملڪيتي ادارن ۽ نجڪاري بابت مسئلن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ناڻي واري وزير تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي عالمي ريٽنگ ايجنسين پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري ۽ ڪاروباري برادري جي اعتماد ۾ نمايان اضافي کان به آگاهه ڪيو. هن معيشت جي استحڪام ۽ ماحولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ۾ عالمي مالياتي فنڊ ۽ عالمي بئنڪ جي مسلسل تعاون کي ساراهيو. سينيٽر اورنگزيب پاڪ آمريڪا معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستاني ڪاروباري برادري کي تجويزون پيش ڪرڻ جي دعوت ڏني. شرڪت ڪندڙن جي معاشي ويزن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.