واشنگٽن-16 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي ناڻي وارو وزير اسڪاٽ بيسنٽ چيو آهي ته ٻن هفتن کان جاري وفاقي حڪومت جي شٽ ڊائون آمريڪي معيشت کي روزانو 15 ارب ڊالرن جو نقصان پهچائي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آمريڪي ناڻي واري وزير چيو ته شٽ ڊائون جا اثر هاڻي آمريڪي معيشت جي اهم حصي کي نقصان پهچائڻ لڳا آهن، هن ٻڌايو ته اسان کي يقين آهي …
شٽ ڊائون معيشت کي روزانو 15 ارب ڊالرن جو نقصان پهچائي رهيو آهي: آمريڪي ناڻي وارو وزير
واشنگٽن-16 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي ناڻي وارو وزير اسڪاٽ بيسنٽ چيو آهي ته ٻن هفتن کان جاري وفاقي حڪومت جي شٽ ڊائون آمريڪي معيشت کي روزانو 15 ارب ڊالرن جو نقصان پهچائي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آمريڪي ناڻي واري وزير چيو ته شٽ ڊائون جا اثر هاڻي آمريڪي معيشت جي اهم حصي کي نقصان پهچائڻ لڳا آهن، هن ٻڌايو ته اسان کي يقين آهي ته حڪومت جو شٽ ڊائون آمريڪي معيشت کي روزانو 15 ارب ڊالرن جو نقصان پهچائي رهيو آهي. بيسنٽ ڊيموڪريٽس تي زور ڀريو ته هو هيروز بڻجي ۽ ريپبلڪنز سان گڏجي شٽ ڊائون ختم ڪرڻ لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪن، هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۾ جاري سيڙپڪاري جي لهر خاص ڪري مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ ڊگهي مدي طور پائيدار آهي ۽ تيزي سان وڌي رهي آهي، پر وفاقي حڪومت جي رنڊڪ هاڻي ان ترقي جي وڏي رڪاوٽ بڻجندي پئي وڃي.








