گڏيل قومن جون انساني امدادي ڪارروايون تباهي جي ڪناري تي آهن: سيڪريٽري جنرل

گڏيل قومون-16 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش خبردار ڪيو آهي ته مالي مدد ۾ گهٽتائي سبب عالمي سطح تي امدادي ڪاررواين کي شديد خطرا درپيش آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ ”يويان 80 انيشيئيٽو“ جي حوالي سان سيڪريٽري جنرل چيو ته سڄي دنيا ۾ امدادي ضرورتون تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪيون آهن جڏهن ته مالي مدد ۾ خطرناڪ حد …

گڏيل قومون-16 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش خبردار ڪيو آهي ته مالي مدد ۾ گهٽتائي سبب عالمي سطح تي امدادي ڪاررواين کي شديد خطرا درپيش آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ ”يويان 80 انيشيئيٽو“ جي حوالي سان سيڪريٽري جنرل چيو ته سڄي دنيا ۾ امدادي ضرورتون تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪيون آهن جڏهن ته مالي مدد ۾ خطرناڪ حد تائين گهٽتائي اچي چڪي آهي. ان صورتحال ۾ هاڻي هڪ جرئتمنداڻي ۽ منظم تبديلي جو وقت آهي ته جيئن اسان بحران جي وقت انهن لکين ماڻهن تائين تيزي، گهٽ لاڳت ۽ وڌيڪ اعتماد سان پهچي سگهون جن جي زندگين جو دارومدار امداد جي فراهمي تي آهي.هن ٻڌايو ته گڏيل قومون ان مقصد لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي ڪم ڪندڙ ادارن وچ ۾ هڪ ”نئون انساني معاهدو“ جوڙيو آهي، جيڪو 6 نڪاتي منصوبي تي ٻڌل آهي، ان جو مقصد امدادي ڪارڪردگي ۾ بهتري، گڏيل اعتماد جي بحالي، بيورو ڪريسي ۾ گهٽتائي، وسيلن جي سهڪار ۽ امداد جو موثر استعمال آهي. هن چيو ته امدادي ڪاررواين جا منصوبا، اجلاس ۽ ڍانچا آسان بڻايو ويندا ته جيئن بيورو ڪريسي ۾ گهٽتائي ٿي. هن چيو ته ان منصوبي تحت اهم امدادي ادارن جي سپلائي چينز کي گڏ ڪيو ويندو ته جيئن خريداري، فريٽ ۽ لاجسٽڪس ۾ گهٽ لاڳت هجي ۽ ڪارڪردگي وڌي. آفيس جي هنڌ، گاڏين ۽ سيڪيورٽي جهڙن گڏيل وسيلن جو استعمال وڌايو ويندو. هن چيو ته جيڪو ڪم ڪنهن مخصوص ايجنسي جو آهي هو اهو ئي ڪري، پر جيڪي شيون سڀني لاءِ گڏيل آهن، اهي اجتماعد طور تي ڪيون وڃن ته جيئن موثر طريقي سان وسيلن جو استعمال ٿئي ۽ خرچا گهٽ ٿين. گڏيل قومن اعلان ڪيو آهي ته 2026ع جي بجيٽ ۾ 15 سيڪڙو کان وڌيڪ خرچن ۽ 19 سيڪڙو ملازمن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي. گڏيل قومن 2025ع لاءِ عالمي انساني ضرورتن لاءِ 45.3 ارب ڊالر جي اپيل ڪئي آهي، سيپٽمبر جي آخر تائين صرف 9.6 ارب ڊالر (21 سيڪڙو) ئي ملي سگهيا جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽ آهي.