ملڪ ۾ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جو ڪو به معائنو ڪندڙ ناهي: ايران

تهران-16آڪٽوبر(اي پي پي) ايران جي ايٽمي توانائي تنظيم جي سربراهه محمد اسلامي تصديق ڪئي آهي ته هن وقت عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي ) جو معائنو ڪندڙ  ايران ۾ موجود ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ايجنسي جي معائنو ڪندڙن جي ايراني ايٽمي ٺڪاڻن تائين رسائي ان وقت ممڪن آهي جڏهن قومي سلامتي جي اعليٰ ڪائونسل ان جي منظوري ڏئي. ان موجب ملڪ …

تهران-16آڪٽوبر(اي پي پي) ايران جي ايٽمي توانائي تنظيم جي سربراهه محمد اسلامي تصديق ڪئي آهي ته هن وقت عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي ) جو معائنو ڪندڙ  ايران ۾ موجود ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ايجنسي جي معائنو ڪندڙن جي ايراني ايٽمي ٺڪاڻن تائين رسائي ان وقت ممڪن آهي جڏهن قومي سلامتي جي اعليٰ ڪائونسل ان جي منظوري ڏئي. ان موجب ملڪ ۾ ان جو ڪو به قيام ان اصول جو پابند آهي.سندس اهو بيان انهن غير تصديق ٿيل خبرن کان پوءِ سامهون آيو جن ۾ ڪجهه ايراني سڌ سماءَ وارن ذريعن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته  آءِ اي اي اي جا معائنو ڪندڙ ايران پهچي چڪا آهن جڏهن ته محمد اسلامي اهڙن  اطلاعن کي سختي سان رد ڪيو آهي.