ڊونلڊ ٽرمپ پاران فٽبال ورلڊ ڪپ ۽ اولپمڪس جي ميزباني بوسٽن ۽ لاس اينجلس مان منتقل ڪرڻ جي ڌمڪي

واشنگٽن -16آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ضرورت پيش آئي  ته فٽبال جي عالمي تنظيم ”فيفا“ جي صدر جاني انفانتينو سلامتي جي دشمن سبب 2026ع جي ورلڊ ڪپ جون ميچون آمريڪي شهرن مان منتقل ڪرڻ جي حمايت ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو شهر ڪارڪردگي ۾ ناڪام رهيو يا ڪٿي سلامتي جو خطرو محسوس ٿيو …

واشنگٽن -16آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ضرورت پيش آئي  ته فٽبال جي عالمي تنظيم ”فيفا“ جي صدر جاني انفانتينو سلامتي جي دشمن سبب 2026ع جي ورلڊ ڪپ جون ميچون آمريڪي شهرن مان منتقل ڪرڻ جي حمايت ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو شهر ڪارڪردگي ۾ ناڪام رهيو يا ڪٿي سلامتي جو خطرو محسوس ٿيو ته مان جاني انفانتينو کي فون ڪري چوندس ته ميچون ڪنهن ٻي هنڌ  منتقل ڪيو ۽ هو  اهو ڪم آساني سان ڪري ڇڏيندو،  صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ضرورت پئي ته 2028ع جي لاس اينجلس اولمپڪس به منتقل ڪري سگهجي ٿي، سندس موجب هو  اولمپڪس جي باري ۾ به اها ڳالهه چئي سگهي ٿو ته  جيڪڏهن هن کي لڳو ته لاس اينجلس تياري لاءِ بهتر حالت ۾ ناهي ته هو ان کي ڪنهن ٻي جڳهه ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيندو. ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ بوسٽن ستن ميچن، سان فرانسڪو ۽ سياٽل ڇهن جڏهن ته لاس اينجلس اٺن ميچن جي ميزباني ڪندا. آمريڪا ايندڙ سال اهو ٽورنامينٽ ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا جي سهڪار سان منعقد ڪندو، جڏهن ته وڌيڪ ميچون آمريڪي شهرن ۾ کيڏيون وينديون. هن ڀيري ورلڊ ڪپ 48 ٽيمن تي ٻڌل هوندو.