ايندڙ سال امن جو نوبل انعام مون کي ڏنو وڃي:آمريڪي صدر

واشنگٽن _16 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته کيس اميد آهي ته ايندڙ سال جو امن جو نوبل انعام کيس ڏنو ويندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن اها ڳالهه مسڪرائيندي مذاق واري انداز ۾ وائٽ هائوس ۾ هڪ آجياڻي دوران چئي پر سندس دعوى هئي ته سندس قيادت ۾ ڪيترائي وڏا عالمي تڪرار ختم ٿي ويا آهن. آمريڪي صدر چيو ته منهنجي خيال ۾ ڪو به …

واشنگٽن _16 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته کيس اميد آهي ته ايندڙ سال جو امن جو نوبل انعام کيس ڏنو ويندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن اها ڳالهه مسڪرائيندي مذاق واري انداز ۾ وائٽ هائوس ۾ هڪ آجياڻي دوران چئي پر سندس دعوى هئي ته سندس قيادت ۾ ڪيترائي وڏا عالمي تڪرار ختم ٿي ويا آهن. آمريڪي صدر چيو ته منهنجي خيال ۾ ڪو به آمريڪي صدر هڪ به جنگ ناهي روڪرائي سگهيو، پر مان 8 جنگيون روڪرائي ڇڏيون . هن وڌيڪ چيو ته مان اهڙو ڪجهه ڪيو جيڪو ناقابل يقين آهي. مان پر اميد آهيان ته ڪا ڳالهه ناهي، مون کي لڳي ٿو ته ايندڙ سال بهتر هوندو. آمريڪي صدر اها به دعويٰ ڪئي ته سندس قدمن سبب ” شايد ڪروڙين حياتيون بچي ويون آهن. واضع رهي ته هلندڙ سال جو امن جو نوبل انعام وينزويلا جي اپوزيشن اڳواڻ ۽ اڳوڻي پارليامينٽ ميمبر مارياڪورينا چادوکي ڏنو ويو، جنهن کي جهموري حقن لاءِ جدوجهد ۽ آمريت کان جهموريت طرف امن منتقلي جي ڪوششن جي  اعتراف ۾ چونڊيو ويو آهي.