ڀارتي حراست مان 19 مهينن بعد 2 ايراني ماهيگير آزاد، وطن واپس پهچي ويا

تهران _16 آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارتي شهر ممبئي ۾ 19 مهينا قيد ڪاٽڻ بعد 2 ايران جي ماهيگيرن کي آزاد ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻئي ماهگير واپس ملڪ پهچي ويا آهن. رپورٽ مطابق ايران جا ماهگير ان وقت ڀارتي سامونڊي حدن ۾ داخل ٿي ويا هئا جڏهن انهن جي ٻيڙي جي انجڻ خراب ٿي وئي هئي. غير ارادي طور حدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڀارتي اختيارين کين غيرقانوني …

تهران _16 آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارتي شهر ممبئي ۾ 19 مهينا قيد ڪاٽڻ بعد 2 ايران جي ماهيگيرن کي آزاد ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻئي ماهگير واپس ملڪ پهچي ويا آهن. رپورٽ مطابق ايران جا ماهگير ان وقت ڀارتي سامونڊي حدن ۾ داخل ٿي ويا هئا جڏهن انهن جي ٻيڙي جي انجڻ خراب ٿي وئي هئي. غير ارادي طور حدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڀارتي اختيارين کين غيرقانوني داخلا جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو هو. ممبئي ۾ ايران جي قونصل جنرل حسن محسني فرد ٻڌايو ته ٻنهي ماهيگيرن کي 19 مهينن تائين حراست ۾ رکي جبري مشقت ڪرائي وئي. ڊگهي عدالتي ڪاروائي بعد کيس سمورن الزامن کان بري ڪيو ويو . محسني فرد مطابق ، سندس آزادي ايراني قونصليٽ جي مسلسل ڪوششن ۽ ڀارتي عدالت جي سهڪار سان ممڪن ٿي ، پر ، ماهگيرن جي ٻيڙي اڃان تائين ڀارت جي حراست ۾ آهي . ايراني حڪومت کان سرڪاري طورتي معاوضي جي ادائيگي ۽ ٻيڙي جي آزادي جو مطالبو به ڪيو ويو آهي.