واشنگٽن/ڪراڪس _16 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وينزويلا ۾ صدر نڪولس مادورو جي حڪومت خلاف ڳجهي آپريشن لاءِ پنهنجي سي آئي اي کي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سان مادورو تي عالمي دٻاءُ وڌي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ جي جزوي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته ۽ صدر مادورو وينزويلا ۾ منشيات اسمگلنگ نيٽ ورڪس ۽ ” نارڪوڪارٽيڪل “ خلاف ڪارروائيون وڌائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو …
آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ ون ڊي سيريز جي شروعات 19 آڪٽوبر تي پهرين ميچ سان ٿيندي
واشنگٽن/ڪراڪس _16 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وينزويلا ۾ صدر نڪولس مادورو جي حڪومت خلاف ڳجهي آپريشن لاءِ پنهنجي سي آئي اي کي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سان مادورو تي عالمي دٻاءُ وڌي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ جي جزوي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته ۽ صدر مادورو وينزويلا ۾ منشيات اسمگلنگ نيٽ ورڪس ۽ ” نارڪوڪارٽيڪل “ خلاف ڪارروائيون وڌائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي . اهو قدم اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا مادورو جي گرفتاري لاءِ انعام جي رقم 50 ملين ڊالرن تائين وڌائي آهي ۽ ڪيريبين سمنڊ ۾ منشيات کڻي ويندڙ ٻيڙين تي حملا به تيز ڪري ڇڏيا آهن. وينز ويلا جي حڪومت آمريڪي مداخلت کي سختي سان رد ڪيو آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ فوجي تيارين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن ڪنهن به امڪاني حملي جو مقابلو ڪري سگهجي . عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا جي اها ڪارروائي خطي ۾ ڇڪتاڻ کي وڌائي سگهي ٿي ۽ عالمي سطح تي حالتن کي وڌيڪ ڳڻتي جوڳو بڻائي سگهي ٿي.








