ڪراچي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري افغانستان پاران ٿيل حملو ناڪام بنائڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر ڪامران خان ٽيسوري، افغان فوجي ۽ فتنه الهندوستان جي ڪيترن ئي دهشتگردن کي مارڻ تي پاڪستان جي فوج کي شاباش ڏني. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر چيو ته افغانستان کي پاڪستان جي طاقت جو بلڪل اندازو نه آهي، سندن سڀ …
سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جو افغانستان پاران ٿيل حملو ناڪام بنائڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش
ڪراچي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري افغانستان پاران ٿيل حملو ناڪام بنائڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر ڪامران خان ٽيسوري، افغان فوجي ۽ فتنه الهندوستان جي ڪيترن ئي دهشتگردن کي مارڻ تي پاڪستان جي فوج کي شاباش ڏني. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر چيو ته افغانستان کي پاڪستان جي طاقت جو بلڪل اندازو نه آهي، سندن سڀ اندازا غلط ثابت ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي فوج مادر وطن جي دفاع ۾ جبل جيان مضبوط آهي. هن چيو ته سڄي قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ آهي، شهيدن ۽ غازين کي سلام عقيدت پيش ڪيون ٿا.












