ڪراچي-15 آڪٽوبر (اي پي پي)سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي جي خبر تي آغا سراج دراني جي رهائشگاهه تي پهتو جتي هن مرحوم جي پٽ ۽ ڀاءُ سان سندس ناقابلِ تلافي نقصان تي دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو۔ وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير سان گڏ اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير …
سنڌ جو وڏو وزير آغا سراج دراني جي لاڏاڻي جي خبر تي سندس رهائشگاهه تي پهتو
ڪراچي-15 آڪٽوبر (اي پي پي)سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي جي خبر تي آغا سراج دراني جي رهائشگاهه تي پهتو جتي هن مرحوم جي پٽ ۽ ڀاءُ سان سندس ناقابلِ تلافي نقصان تي دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو۔ وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير سان گڏ اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار، سعيد غني، اسماعيل راهو، ايم پي اي امتياز شيخ، سيد قاسم نويد قمر، قاسم سومرو، ايم اين اي خواجه اظهار، ڊپٽي اسپيڪر انٿوني نويد ۽ ٻيون معزز شخصيتون پڻ موجود هيون۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مرحوم جي گهر ڀاتين سان ملاقات ڪندي چيو ته آغا سراج دراني هڪ قابل، ايماندار ۽ باوقار سياستدان، سچو دوست ۽ نيڪ انسان هو۔ وڏي وزير چيو ته آغا سراج دراني جي لاڏاڻي سان سياست هڪ قدآور شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي ۽ اهو خال ڀرڻ گھڻو ڏکيو آھي۔ ان کانپوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آغا سراج دراني جي مُڙھه کي ڳڙهي ياسين، ضلع شڪارپور روانو ڪرڻ جي عمل جي نگراني پڻ ڪئي۔












