ڪراچي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ٻهراڙي جي عورتن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ٻهراڙي جي عورتن جو عالمي ڏينهن اسان کي سندن خدمتن جو اعتراف ۽ عملي قدمن جي ياد ڏياري ٿو. ٻهراڙي جون عورتون قومي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿيون. صوبي ۾ ٻهراڙي جون عورتون زراعت، هٿ جي هنر ۽ سماجي خدمتن ۾ نمايان …
ٻهراڙي جي عورتن جو عالمي ڏينهن اسان کي سندن خدمتن جو اعتراف ۽ عملي قدمن جي ياد ڏياري ٿو: گورنر سنڌ
ڪراچي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ٻهراڙي جي عورتن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ٻهراڙي جي عورتن جو عالمي ڏينهن اسان کي سندن خدمتن جو اعتراف ۽ عملي قدمن جي ياد ڏياري ٿو. ٻهراڙي جون عورتون قومي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿيون. صوبي ۾ ٻهراڙي جون عورتون زراعت، هٿ جي هنر ۽ سماجي خدمتن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ٻهراڙي جي عورتن جي محنت ۽ عزم ٻهراڙي جي معيشت کي مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿو. موجوده حڪومت ٻهراڙي جي عورتن جي ڀلائي لاءِ مختلف رٿائن تي عمل ڪري رهي آهي. ٻهراڙي جي عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ تعليم ۽ صحت جي فراهمي اولين ترجيح آهي.












