ڪراچي- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي ته اکيون قدرت جو انمول تحفو آھن، اسان کي انھن جي حفاظت ڪرڻ گھرجي، اکين جي صحت بابت عوام کي آگاهي ڏيڻ بھترين عمل آھي. اهڙو اظهار هن سي ايم ھائوس ۾ منعقد اکين جي ڪيمپ جي موقعي تي سندس جاري ڪيل پيغام ۾ ڪيو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت عوامي صحت جي …
اکيون قدرت جو انمول تحفو آھن، اسان کي انھن جي حفاظت ڪرڻ گھرجي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه
ڪراچي- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي ته اکيون قدرت جو انمول تحفو آھن، اسان کي انھن جي حفاظت ڪرڻ گھرجي، اکين جي صحت بابت عوام کي آگاهي ڏيڻ بھترين عمل آھي. اهڙو اظهار هن سي ايم ھائوس ۾ منعقد اکين جي ڪيمپ جي موقعي تي سندس جاري ڪيل پيغام ۾ ڪيو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت عوامي صحت جي منصوبن ۾ ھر ممڪن تعاون جاري رکندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اکين جي حفاظت لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آھي. ھن چيو ته اکين جي صحت کي نظر انداز ڪرڻ، پنھنجي زندگي کي اونداهيءَ ۾ وجھڻ جي برابر آھي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته عوام کي آگاهي ڏيڻ جي ڏس ۾ مهم صحت مند سماج جو بنياد آھي ۽ روشن نظر ئي روشن مستقبل جي ضمانت آھي. ان موقعي تي اکين جي عالمي ڏينھن جي مناسبت سان وزيراعليٰ ھائوس ۾ ايل آر بي ٽي طرفان ”روشن نظر، روشن مستقبل“ جي عنوان سان مفت اکين جي ڪيمپ لڳائي وئي. ڪيمپ جو افتتاح سيڪريٽري ٽو سي ايم عبدالرحيم شيخ ڪيو. جنھن ۾ سي ايم ھائوس جي آفيسرن، ملازمن ۽ طبي عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪيمپ ۾ اکين جو معائنو، نظر جي ٽيسٽ، ابتدائي تشخيس، ضروري علاج ۽ صلاحون فراهم ڪيون ويون. سي ايم ھائوس جي سينئر ڊاڪٽر مڪيش ڪمار اکين جي عالمي ڏھاڙي جي اهميت ۽ ڪيمپ جي مقصد بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته عوام ۾ اکين جي صحت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ وقت جي ضرورت آھي. ان موقعي تي سيڪريٽري ٽو سي ايم عبدالرحيم شيخ چيو ته ايل آر بي ٽي ھڪ قابلِ تحسين ادارو آھي، جيڪو اکين جي بحالي ۽ عوامي ڀلائي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. ھن چيو ته اکين جي صحت کي نظرانداز نه ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ روشن نظر ئي روشن مستقبل جي ضمانت آھي. عبدالرحيم شيخ وڌيڪ چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ھدايت موجب عوامي ڀلائي جي منصوبن جي مڪمل حمايت جاري رھندي. ھن وڌيڪ چيو ته وزيراعليٰ ھائوس جي آفيسرن ۽ عملي جي شرڪت ان ڳالهه جو ثبوت آھي ته اسان سڀني کي پنھنجي صحت، خاص طور تي اکين جي حفاظت لاءِ سنجيده ٿيڻ گھرجي.











