ڪراچي- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته پاڪستاني چانور جو دنيا ۾ ڪو ثاني نه آهي، هلندڙ سال روانگي واپار جو هدف 4 ملين ڊالرن کان وڌايو وڃي. انهن خيالن جو اظهار هن رائيس ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي ايوارڊز تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ عقيل ڪريم ڊيڊي، زبير موتي والا، ريئر ايڊمرل (رٽائرڊ) سيد …
پاڪستاني چانور جو دنيا ۾ ڪو ثاني نه آهي، هلندڙ سال روانگي واپار جو هدف 4 ملين ڊالرن کان وڌايو وڃي: گورنر ڪامران خان ٽيسوري

مزید خبریں
ڪراچي- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته پاڪستاني چانور جو دنيا ۾ ڪو ثاني نه آهي، هلندڙ سال روانگي واپار جو هدف 4 ملين ڊالرن کان وڌايو وڃي. انهن خيالن جو اظهار هن رائيس ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي ايوارڊز تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ عقيل ڪريم ڊيڊي، زبير موتي والا، ريئر ايڊمرل (رٽائرڊ) سيد معاظم اياز سميت ٻين ناليوارين شخصيتن کي گولڊ ميڊل ڏنا ويا. گورنر ڪامران خان ٽيسوري بزنس ڪميونٽي جي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي ته جتي گورنر هائوس عوام لاءِ 24 ڪلاڪ کليل آهي. هن وڌيڪ چيو ته گورنر انيشيٽيوز تحت راشن ورهائڻ، اميد جي گهنٽي تي فوري دادرسي ۽ مفت آءِ ٽي ڪورسز جاري آهن.











