ڪراچي- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت پولٽري جي شعبي ۾ قانونسازي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد صوبي کي پولٽري جي شعبي ۾ پاڻڀرو بڻائڻ آهي. اهڙو فيصلو لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو. ان موقعي تي کاتي جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته اسان چاهيون ٿا ته جلد کان جلد پولٽري شعبي ۾ قانون سازي ڪريون ۽ صوبي …
سنڌ حڪومت پاران پولٽري جي شعبي ۾ قانونسازي ڪرڻ جو فيصلو
ڪراچي- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت پولٽري جي شعبي ۾ قانونسازي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد صوبي کي پولٽري جي شعبي ۾ پاڻڀرو بڻائڻ آهي. اهڙو فيصلو لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو. ان موقعي تي کاتي جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته اسان چاهيون ٿا ته جلد کان جلد پولٽري شعبي ۾ قانون سازي ڪريون ۽ صوبي اندر سيڙپڪارن کي مدعو ڪريون ته جئين اهي هن شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪن. صوبائي وزير ٻڌايو ته رجسٽريشن اٿارٽي قائم ڪئي ويندي، جيڪا سڄي صوبي ۾ پولٽري جي هر شعبي ۾ سيڙپ ڪندڙن کي لائيسنس جاري ڪندي ته جئين سيڙپڪاري جو عمل آسان بڻجي. ان ڏس ۾ هڪ مهيني اندر لائيسنس جاري ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.












