سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو افتتاح هن ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن گِذري ميٽرنٽي هوم ۾ ٻن نون ڄاول ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريندي ڪيو. هي مهم 13 آڪٽوبر کان 19 آڪٽوبر تائين جاري رهندي، جنهن دوران سنڌ ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هڪ ڪروڙ …

ڪراچي- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو افتتاح هن ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن گِذري ميٽرنٽي هوم ۾ ٻن نون ڄاول ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريندي ڪيو. هي مهم 13 آڪٽوبر کان 19 آڪٽوبر تائين جاري رهندي، جنهن دوران سنڌ ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هڪ ڪروڙ 6 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سان گڏ صحت واري صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، يونيسيف، صحت جي عالمي اداري ”ڊبليو ايڇ او“ جا نمائندا پڻ موجود هئا. وڏي وزير مراد علي شاهه سڀني ضلعن ۾ مهم جي مڪمل نگراني تي زور ڏيندي چيو ته ٽيمون گهر گهر وڃي نه رڳو پوليو جا ڦڙا پيارينديون پر ويٽامن-اي جا سپليمينٽس به فراهم ڪنديون. هن چيو ته مهم ۾ 80 هزار ھيلٿ ورڪرز ۽ 21 هزار سيڪيورٽي اهلڪار حصو وٺي رهيا آهن. وڏي وزير هن سال سنڌ ۾ پوليو جا 9 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ ۽ ماحولياتي نمونن ۾ وائرس جي موجودگي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته پوليو جو خاتمو اسان جي اخلاقي ذميواري آهي. هر ٻار کي صحتمند ۽ محفوظ مستقبل ڏيڻ اسان سڀني جو فرض آهي. هن والدين تي زور ڏنو ته هو پنهنجي ٻارن کي لازمي ڦڙا پيارين ۽ جيڪڏهن ڪو ٻار رهجي وڃي ته ويجهو صحت مرڪز سان رابطو ڪن.