سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيرِاعليٰ هائوس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جو 48هون اجلاس

ڪراچي -10 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيرِاعليٰ هائوس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جو 48هون اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ 500 اليڪٽرڪ بسن جي خريداري، ڪراچي پورٽ کان قيوم آباد (ڄام صادق انٽرچينج) تائين ايلويٽيڊ ايڪسپريس وي جي تعمير، سکر، ڪراچي ۽ شهيد بينظير آباد جي ريجنل بلڊ سينٽرن ۾ فڪسڊ ۽ ويئري ايبل ڪاسٽ …

ڪراچي -10 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيرِاعليٰ هائوس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جو 48هون اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ 500 اليڪٽرڪ بسن جي خريداري، ڪراچي پورٽ کان قيوم آباد (ڄام صادق انٽرچينج) تائين ايلويٽيڊ ايڪسپريس وي جي تعمير، سکر، ڪراچي ۽ شهيد بينظير آباد جي ريجنل بلڊ سينٽرن ۾ فڪسڊ ۽ ويئري ايبل ڪاسٽ تي ٻڌل اينيوٽي ماڊل اختيار ڪرڻ ۽ ٻين منصوبن جي منظوري ڏني وئي۔ سي ايم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل خبر موجب پبلڪ ٽرانسپورٽ منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ پيپلز گرين ٽرانسپورٽ پروجيڪٽ جي منظوري ڏني جنهن تحت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اليڪٽرڪ بسن جي وڏي کيپ متعارف ڪرائي ويندي.  بورڊ منصوبي جي دائري، ساخت ۽ رسڪ ميٽرڪس جي منظوري ڏيندي هڪ نجي ڪمپني پاران پيش ڪيل ترميم ٿيل تجويز کي قبول ڪيو. ڪمپني کي رائيٽ آف فرسٽ ريفيوزل ۽ پري ڪواليفڪيشن جي عمل کان ڇوٽ پڻ ڏنو ويو۔ وڌيڪ بورڊ نجي ڀائيواري کي شامل ڪرڻ لاءِ سيڙپڪارن سان مشاورت ۽ ڀائيواري جي عمل جي شروعات جي پڻ اجازت ڏني۔ منصوبي تحت 500 اليڪٽرڪ بسون مرحليوار هلائبيون جن سان گڏ ڊيپو، چارجنگ انفراسٽرڪچر، بس شيلٽر، خودڪار ڀاڙو اوڳاڙڻ جو نظام ۽ انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم پڻ قائم ڪيو ويندو. هي منصوبو ڊي بي ايف ايم او ٽي ماڊل تحت 12 سالن جي رعايتي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو.هن منصوبي سان روزانو ٻن لک کان وڌيڪ مسافرن کي سهولت ملڻ جي اميد آهي جڏهن ته اهو گرين لائين بي آر ٽي سان ڳنڍيل هوندو ۽ شهري ٽرانسپورٽ سسٽم ۾ نمايان سڌارو آڻيندو. بورڊ هن قدم کي سنڌ ۾ صاف، جديد ۽ مؤثر عوامي ٽرانسپورٽ ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏني. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ ڪراچي پورٽ کان قيوم آباد (جام صادق انٽرچينج) تائين ايلويٽيڊ ايڪسپريس وي منصوبي جي منظوري ڏني. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته منصوبي جي دستاويزن کي جلد از جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن هو هن منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکي سگهي. بورڊ منصوبي جي دائري، ڏي وٺ جي ڍانچي ۽ رسڪ ميٽرڪس جي منظوري ڏيندي تجويز کي مقابلي واري ٻولي لاءِ منظور ڪيو. ان سان گڏ تجويزن جي درخواست جاري ڪرڻ ۽ ٻولي جي عمل جي شروعات جي اجازت پڻ ڏني وئي. هي منصوبو 16.5 ڪلوميٽر ڊگهو، چار لينن تي ٻڌل ايلويٽيڊ فريٽ ايڪسپريس وي جي تعمير، ڊزائن، فنانس ۽ 25 سالن جي آپريشن اينڊ مينٽيننس  تي ٻڌل هوندو جيڪو ڪراچي پورٽ (ايسٽ وھارف) کي جام صادق انٽرچينج سان ڳنڍيندو. ايڪسپريس وي ذريعي سفر جو فاصلو 26 ڪلوميٽر گهٽ ٿيندو، ھيوي ٽريفڪ جي 24 ڪلاڪ آمد و رفت ممڪن ٿيندي، شهري رستن تي رش ۾ گهٽتائي ايندي، ۽ پورٽ جي ڪارڪردگي ۽ ان جي M-9 ۽ شاهراهِ ڀٽو سان ڳانڍاپي ۾ بهتري ايندي. بورڊ منصوبي جي ڊزائن ۾ ترميم جي منظوري پڻ ڏني ته جيئن ان کي ييلو لائين بي آر ٽي سان هم آهنگ ڪيو وڃي، مڪسڊ ٽريفڪ ريمپس شامل ڪيا وڃن، پورٽ ڪنيڪٽيوٽي ۾ سڌارو آڻجي ۽ وڏي پيماني تي زمين جي حصول کان پاسو ڪيو وڃي. منصوبو ڊي بي ايف او ٽي يوزر پي ماڊل تحت مڪمل ڪيو ويندو جنهن ۾ حڪومتِ سنڌ سرمائيداري ۽ عملي معاونت  وي جي ايف فراهم ڪندي جنهن ۾ 10 سالن جي گهٽ ۾ گهٽ آمدني جي ضمانت پڻ شامل هوندي. بورڊ سکر، ڪراچي ۽ شهيد بينظير آباد جي ريجنل بلڊ سينٽرز ۾ فڪسڊ ۽ ويئري ايبل ڪاسٽ تي ٻڌل اينيوٽي ماڊل اختيار ڪرڻ جي منظوري ڏني جيڪو اڳ ۾ منظور ٿيل آر بي سي جامشورو جي فريم ورڪ مطابق هوندو. هاڻي اهي آر بي سي  مرڪز پنهنجي صلاحيت کي مڪمل طور استعمال ڪري سگهندا جنهن تحت هر مرڪز مان ساليانو تقريباً 2 لک 50 هزار رت جا ٿيلھا  مخصوص اسپتالن جي بلڊ بينڪن کي مهيا ڪيا ويندا. سرڪاري اسپتالن ۾ محفوظ رت جي طلب تمام گهڻي آهي ۽ هن قدم سان اهي گهڻي طلب پوري ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا. هي رت جا ٿيلھا مخصوص سرڪاري اسپتالن جي بلڊ بينڪن ۾ مريضن کي بغير معاوضي جي فراهم ڪيا ويندا. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ  پاليسي بورڊ  پي ڊي ايف فنڊنگ جي منظوري ڏني ته جيئن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال  لاڙڪاڻو ۽ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ڪراچي ۾ ريڊيولوجي ۽ سڃاڻپ ليب سروسز کي آئوٽ سورس ڪرڻ لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي ۽ ٽرانزيڪشن ايڊوائزري سروسز لاءِ مشير مقرر ڪيا وڃن. صحت کاتو هن منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ  ماڊل تحت لاڳو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ته جيئن جديد سڃاڻپ وارا اوزارن جهڙوڪ ايم آر آءِ، سي ٽي اسڪين، ڊجيٽل ايڪس ري، الٽراسائونڊ ۽ ايڪو ڪارڊيوگرافي جي سار سنڀال ۽ مؤثر استعمال ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن جو حل ڪڍي سگهجي. هن آئوٽ سورسنگ ذريعي نجي ڀائيوار نون اوزارن ۾ سيڙپڪاري ڪندا، انهن جي آپريشن اينڊ مينٽيننس کي يقيني بڻائيندا، پراڻن نظامن کي اپ گريڊ ڪندا، تربيت يافته عملي کي مقرر ڪندا ۽ سڃاڻپ جي نتيجن جي وقت سر فراھمي کي بھتر بڻائيندا جيئن مريضن کي معياري ۽ مريض دوست سڃاڻپ جون سهولتون مهيا ڪري سگهجن. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ سنڌ گورنمينٽ چِلڊرن اسپتال جي ڏهين سال (1 آڪٽوبر 2025 کان 30 سيپٽمبر 2026 تائين) جي ترميم ٿيل آپريشنل بجيٽ جو جائزو ورتو جيڪو 738.65 ملين رپين تي ٻڌل آهي جڏهن ته 95.12 ملين رپين جي تجويز ڪيل سرمائيداري خرچن کي پڻ منظور ڪيو ويو جيڪي معاهدي جي آخري سال ۾ خرچ ڪيا ويندا. بورڊ ترميم ٿيل بجيٽ ۽ ڪنسيشن ايگريمنٽ ۾ ضروري ترميمن جي منظوري ڏني ته جيئن اسپتال ۾ معياري طبي خدمتن جو تسلسل برقرار رهي. سنڌ جي دريائي ٻيلن کي بحال ڪرڻ، ماحولياتي اثرن کي گهٽائڻ ۽ پاڪستان ۾ گرين هائوس گيسن جي نيڪالي ۾ گهٽتائي آڻڻ جي مقصد سان جامشورو ۽ مٽياري ضلعن جي لڳ ڀڳ 41 هزار هيڪٽر زمين تي ٻيلا پوکڻ جو منصوبو ماڊل تحت شروع ڪيو ويندو.پاليسي بورڊ ٻيلي کاتي کي ٽن ٻولي پيڪيجن لاءِ ترجيحي ٻولي ڏيندڙن کي ليٽر آف ايوارڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. اميد آهي ته انهن منصوبن جا معاهدا جلد طئي ٿي ويندا. هي منصوبو لڳ ڀڳ 3.5 کان 4 ڪروڙ ڪاربان ڪريڊٽ پيدا ڪندو جن کي بين الاقوامي ڪاربان مارڪيٽن ۾ وڪرو ڪيو ويندو جنهن سان مٽاسٽا جي ناڻي ۾ نمايان اضافي جو امڪان آهي. پاليسي بورڊ گڏوگڏ ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان تعاون جي منظوري پڻ ڏني ته جيئن لڳ ڀڳ 88 هزار هيڪٽر تي ٻڌل هڪ نئين دريائي ٻيلن واري منصوبي لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي ڪئي وڃي. پاليسي بورڊ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت چانور ۽ ڪڻڪ جي پوک ۽ ڪٽائي ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ جديد زرعي طريقا لاڳو ڪرڻ تي ٻڌل منصوبي جي منظوري ڏني. هن منصوبي تحت جديد زرعي مشينري هارين کي ڪرائي جي بنياد تي فراهم ڪئي ويندي ته جيئن پوک جي پيداوار ۽ مجموعي ڪارڪردگي ۾ سڌارو آڻي سگهجي. منصوبي جو بنيادي مقصد پيداوار ۾ اضافو ۽ چانور ۽ ڪڻڪ جي پوک جي عمل کي وڌيڪ مؤثر ۽ جديد بڻائڻ آهي. بورڊ هن منصوبي لاءِ پي ڊي ايف فنڊنگ ذريعي فزيبلٽي اسٽڊي جي به منظوري ڏني ته جيئن ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ هن منصوبي جو آغاز ڪري سگهجي.  پاليسي بورڊ ضلع ٺٽي ۾ ٽماٽي جي ڪلسٽر پروسيسنگ پلانٽ جي قيام لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي جي منظوري ڏني. هن منصوبي تحت هڪ ماسٽر پلان تيار ڪيو ويندو جنهن مطابق سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ جتي ميون ۽ ڀاڄين جي پيداوار وڌيڪ آهي، اهڙي نوعيت جون پروسيسنگ سهولتون قائم ڪيون وينديون ته جيئن زرعي شين کي مقامي سطح تي پروسيس ۽ محفوظ ڪري سگهجي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ  پاليسي بورڊ اين اي ڊي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي پارڪ منصوبي لاءِ ڪنسيشن ايگريمنٽ تي عملدرآمد جي منظوري ڏني. هي منصوبو اين اي ڊي يونيورسٽي جي اڱڻ ۾ قائم ڪيو ويندو. اين اي ڊي ٽيڪ پارڪ هڪ ماحول دوست تعمير هوندو ۽ ملڪ جو پهريون يونيورسٽي بنياد تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي پارڪ هوندو جيڪو ماڊل تحت قائم ڪيو پيو وڃي. هي معاهدو اينرٽيڪ هولڊنگ ڪمپني  سان ڪيو ويندو جيڪا ڪويت انويسٽمينٽ اٿارٽي جي ذيلي ڪمپني آهي. هي منصوبو حڪومت کان حڪومت  جي ٽو جي تعاون تحت عمل ۾ آندو ويندو ۽ معاهدي تي آڪٽوبر 2025 جي آخر تائين صحيح ٿيڻ جي اميد آهي.اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، جام خان شورو، ضياءُ الحسن لنجار، حاجي علي حسن زرداري، سيڙپڪاري بابت وڏي وزير جو صلاحڪار قاسم نويد، ايم پي اي قاسم سومرو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، ڊي جي پي پي پي يونٽ ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ٻيا بورڊ ميمبر ۽ لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا.