ٻوڏ متاثرن جي مدد سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪرڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-09 آڪٽوبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مدد سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪرڻ گهرجي، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ رليف جي حوالي سان پيدا ٿيل تڪرار افسوسناڪ آهي. اھڙو اظهار هن منييجمينٽ ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي 25هين سالياني ڪنوينشن ۾ مقامي هوٽل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته چيئرمين بلاول …

ڪراچي-09 آڪٽوبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مدد سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪرڻ گهرجي، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ رليف جي حوالي سان پيدا ٿيل تڪرار افسوسناڪ آهي. اھڙو اظهار هن منييجمينٽ ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي 25هين سالياني ڪنوينشن ۾ مقامي هوٽل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت سان رابطو ڪيو ته جيئن ٻوڏ متاثرن لاءِ مدد حاصل ڪري سگهجي ۽ وفاقي وزيرن پڻ ان جي ڪوششن جي حمايت ڪئي. سيد مراد علي شاهه ياد ڏياريو ته 2022ع جي ٻوڏ کان پوءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف عالمي برادري کي متحرڪ ڪيو هو ۽ بلاول ڀٽو جي درخواست تي وفاقي حڪومت زرعي ۽ ماحولياتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي هئي ته جيئن آبادگارن جي مدد ڪري سگهجي. سيد مراد علي شاهه چيو ته موسمياتي تبديلي پاڪستان جو ڏوهه ناهي تنهن ڪري عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو اسان کي پنهنجن آبادگارن جي مدد ڪرڻي آهي ۽ سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ فعال آهي. هڪ ٻئي سوال تي وڏي وزير چيو ته انڊس ريوَر سسٽم اٿارٽي  کي ختم ڪرڻ جي ڪا به تجويز ناهي. هن چيو ته الله جو شڪر آهي ته سنڌ ۾ صرف ڪچن علائقن ۾ پاڻي آيو جڏهن ته سڀ حفاظتي بند محفوظ رهيا. هن ٻڌايو صورتحال 2022ع واري نه هئي، نقصان جا تفصيل جلد جاري ڪبا. سيد مراد علي شاهه صحافين امتياز مير ۽ طفيل رند جي قتل تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پوليس طفيل رند جي ڪيس جا تفصيل ڏنا آهن ۽ ڏوھارين کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. وڏي وزير مقتول صحافين جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار پڻ ڪيو. وفاقي وزيرن جي صدر سان ملاقات بابت سوال تي وڏي وزير چيو ان ۾ ڪا به حيرت واري يا پريشانيءَ جي ڳالهه ناهي، هر ملاقات جو پنهنجو مخصوص پسمنظر هوندو آهي. تقريب کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير  ايم اي پي جو ٿورائتو ٿيو ته هن کيس 25هين سالياني ڪنوينشن ۾ گھرايو. هن چيو ته پاڪستان ۽ دنيا جي مختلف ملڪن مان مينيجمينٽ جا ماهر هن تقريب ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ۽ ايم اي پي ۾ هڪ مضبوط لاڳاپو قائم آهي ۽ هن وقت سنڌ حڪومت جا 40 آفيسر ايم اي پي جي ذريعي تربيت حاصل ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ پنهنجي خطاب ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه مينيجمينٽ ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي 6 ڏهاڪن  کان ڪيل خدمتن کي ساراهيو جن پيشوراڻي برتري ۽ قيادت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت  ايم اي پي جي مشن جي مڪمل حمايت ڪندي جيڪو هڪ قابل، بااخلاق ۽ مستقبل جي ضرورتن سان هم آهنگ مينيجمينٽ فورس تيار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي۔ ڪاروباري اڳواڻن، مينيجمينٽ پروفيشنلن ۽ پاليسي سازن سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي جيڪا پاڪستان جو معاشي مرڪز ۽ سنڌ جو فخر آهي، هن شانائتي ڪنوينشن جي ميزباني لاءِ بهترين جڳهه آهي. وڏي وزير چيو هن حال ۾ موجود دانش ۽ ڏاهپ اسان جي صوبائي ترقيءَ جو انجڻ آهي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سنڌ هن وقت هڪ اهم موڙ تي بيٺل آهن جتي معاشي، انفراسٽرڪچر ۽ ماحولياتي چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اعليٰ قيادت ۽ مضبوط نظام جي ضرورت آهي. هن زور ڀريو ته هاڻي صرف وسيلا ڪافي ناهن، اصل فيصلو ڪندڙ عنصر انساني سرمايي جو معيار آهي. سيد مراد علي شاهه ايم اي پي جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته توهان جا پروگرام صرف مينيجرن نه پر مضبوط ۽ مقابلي واريون ادارتي صلاحيتون پيدا ڪن ٿا. وڏي وزير حڪومت جي اهم ترقياتي منصوبن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن ۾ ٽرانسپورٽ جو واڌارو، ڪي-IV واٽر پروجيڪٽ، شهري ترقي ۽ صحت جي شعبي ۾ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري شامل آهي. هن چيو اهي سڀ منصوبا تربيت يافته، ايماندار ۽ دورانديش مينيجرن کان سواءِ مڪمل نٿا ٿي سگهن تنهنڪري حڪومت ۽ نجي شعبي کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. سيد مراد علي شاهه ايم اي پي پاران سنڌ حڪومت جي سينيئر آفيسرن لاءِ ٿيندڙ تربيت بابت چيو ته اهڙي شراڪت سان سرڪاري سطح تي انتظامي صلاحيتن ۾ فرق گهٽبو.هن يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت قيادت جي تربيت، جدت ۽ شفاف حڪمراني جي فروغ لاءِ ايم اي پي سان مڪمل سهڪار ڪندي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪاروبار ۾ آساني، امن امان ۽ پيشوراڻي صلاحيتن جي همٿ افزائي لاءِ پرعزم آهي. هن ڪاروباري ۽ مينيجمينٽ اڳواڻن تي زور ڀريو ته هو ڊجيٽل تبديلي، پائيداري ۽ سماجي ذميواري کي اختيار ڪن ڇاڪاڻ⁠ ته مضبوط مينيجمينٽ ڍانچا ئي جدت ۽ ايمانداري کي وڌائين ٿا. سيد مراد علي شاهه چيو اچو ته گڏجي سنڌ کي معاشي ترقي، سٺي حڪمراني ۽ پيشيوراڻي برتريءَ جي علامت بڻايون. هن ڪنوينشن ۾ ملڪ جا نامور ڪاروباري اڳواڻ، پاليسي ساز ۽ مينيجمينٽ ماهر گڏ ٿيا جن پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ قيادت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي تي غور ڪيو.

مزید خبریں