حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر پاران شهر جي مُختلف اسپتالن جو دورو

حيدرآباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ ضلعي هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر پير غلام حسين ۽ اسسٽنٽ  ڪمشنر تعلقه لطيف آباد سعود لنڊ سان گڏجي ڀٽائي اسپتال، سي ڊي ايف اسپتال، هلال احمر اسپتال ۽ سول اسپتال حيدرآباد جو دورو ڪيو، جتي ڊينگي جي  روڪٿام ۽ مريضن کي فراهم ٿيندڙ علاج جو جائزو ورتو. دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر پيٿالاجي ليبارٽريون، ڊينگي وارڊ ۽ ٻين طبي سهولتن جو به …

حيدرآباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ ضلعي هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر پير غلام حسين ۽ اسسٽنٽ  ڪمشنر تعلقه لطيف آباد سعود لنڊ سان گڏجي ڀٽائي اسپتال، سي ڊي ايف اسپتال، هلال احمر اسپتال ۽ سول اسپتال حيدرآباد جو دورو ڪيو، جتي ڊينگي جي  روڪٿام ۽ مريضن کي فراهم ٿيندڙ علاج جو جائزو ورتو. دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر پيٿالاجي ليبارٽريون، ڊينگي وارڊ ۽ ٻين طبي سهولتن جو به جائزو ورتو. هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ڀٽائي اسپتال ۾ ڊينگي مريضن لاءِ اضافي وارڊ قائم ڪيا وڃن ته جيئن ڊينگي وائرس ۾ مبتلا مريضن جو بهتر علاج ٿي سگهي.هلال احمر اسپتال ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪي مريض علاج جو خرچ ادا ڪرڻ جي قابل نه آهن، انهن کي مفت طبي سهولت فراهم ڪئي وڃي. ان کان سواءِ ڀٽائي ۽ هلال احمر اسپتالن کي 50 مڇر دانيون فراهم ڪيون ويون ۽ هلال احمر ۾ ڊينگي وارڊ قائم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي.سول اسپتال ۾ پيٿالاجي ليبارٽري ۾ تشخيصي ڪٽس جي گهٽتائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ڊپٽي ڪمشنر ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ کي اضافي سامان ۽ مريضن لاءِ اضافي وارڊ قائم ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون.سي ڊي ايف اسپتال ۾ جتي ڊينگي وارڊ فعال نه هو، اتي ڊي سي پاران  ان کي فوري طور  فعال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ علاج جي سهولتن لاءِ اضافي بسترا ۽ ٽيسٽنگ ڪٽس فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.ڊپٽي ڪمشنر چيو ته صحت جي حفاظت ۽ ڊينگي کان بچاءَ جي حوالي سان سمورا قدم اثرائتي طريقي سان کنيا ويندا ته جيئن شهرين جي جان ۽ صحت جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي.