سنگاپور-08 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اربع ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان برقرار رهيو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمين دوران برينٽ ڪروڊ فيوچرز 48 سينٽ يا 0.7 سيڪڙو جي اضافي سان 65.93 ڊالر في بيرل تي پهچي ويو جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽر ميڊيٽ 51 سينٽ يا 0.8 سيڪڙو جي اضافي سان 24. 26 ڊالر في بيرل تي ٽريڊ …
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان برقرار
سنگاپور-08 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اربع ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان برقرار رهيو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمين دوران برينٽ ڪروڊ فيوچرز 48 سينٽ يا 0.7 سيڪڙو جي اضافي سان 65.93 ڊالر في بيرل تي پهچي ويو جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽر ميڊيٽ 51 سينٽ يا 0.8 سيڪڙو جي اضافي سان 24. 26 ڊالر في بيرل تي ٽريڊ ٿيو . ايل ايس اي جي آئل ريسرچ جي سينيئر تجزو ڪندڙ چيو ته مارڪيٽ ۾ هن وقت قيمتن جي حوالي سان هڪ غير يقيني واري صورتحال آهي. هڪ طرف وڌيڪ رسد جو خدشو آهي جڏهن ته ٻئي پاسي اها اميد آهي ته پيداوار ۾ اضافو ايترو تيزي سان نه ٿيندو جيترو سوچيو ويو هو .








