اسرائيل پاران غزه ويندڙ نئين امدادي فلوٽيلا ۾ شامل جهازن تي حملو

غزه- 08 آڪٽوبر (اي پي پي)غزه ويندڙ امدادي ٻيڙين جي هڪ نئين فلوٽيلا جي انتظاميه چيو آهي ته اسرائيلي فوج اربع جي صبح جو حملو ڪري سندن 3 ٻيڙيون روڪي ڇڏيون. پرڏيهي خابرو اداري موجب گلوبل صمود فلوٽيلا ايڪس تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ چيو آهي ته اسرائيلي فوج غزه ويندڙ امدادي فلوٽيلا جي غزه سن برڊز، علي النجار ۽ انس الشريف نالي ٽن ٻيڙين تي حملو ڪيو ۽ انهن …

غزه- 08 آڪٽوبر (اي پي پي)غزه ويندڙ امدادي ٻيڙين جي هڪ نئين فلوٽيلا جي انتظاميه چيو آهي ته اسرائيلي فوج اربع جي صبح جو حملو ڪري سندن 3 ٻيڙيون روڪي ڇڏيون. پرڏيهي خابرو اداري موجب گلوبل صمود فلوٽيلا ايڪس تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ چيو آهي ته اسرائيلي فوج غزه ويندڙ امدادي فلوٽيلا جي غزه سن برڊز، علي النجار ۽ انس الشريف نالي ٽن ٻيڙين تي حملو ڪيو ۽ انهن کي غير قانوني طور تي روڪيو. جڏهن ته قافلي ۾ شامل ڪانشئينس نالي سان هڪ ٻي ٻيڙي جنهن تي صحافين، ڊاڪٽرن ۽ ڪارڪنن سميت 90 ماڻهو سوار آهن، تي پڻ حملو ڪيو آهي. اسرائيل جي پرڏيهي وزارت غزه پهچڻ جي ڪوشش ڪندڙ ٻيڙين کي فوج پاران روڪڻ جي تصديق ڪئي آهي.  جڏهن ته ٻيڙين ۽ مسافرن کي اسرائيلي بندرگاهن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سمورا مسافر محفوظ ۽ صحتمند آهن. جڏهن ته مسافرن کي فوري طور تي ڊي پورٽ ڪيو ويندو.

مزید خبریں