اسلام آباد _ 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وطن واپس پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪوالالمپور جي بنگا رايا عالمي هوائي اڏي تي ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم وزيراعظم پاڪستان کي الوداع ڪرڻ جي لاءِ پاڻ موجود هو. وزيراعظم کي سندس رهائشگاهه کان ايئرپورٽ تائين غيرمعمولي سرڪاري پروٽوڪول ڏنو ويو …
وزيراعظم ملائيشيا جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وطن واپس پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد _ 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وطن واپس پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪوالالمپور جي بنگا رايا عالمي هوائي اڏي تي ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم وزيراعظم پاڪستان کي الوداع ڪرڻ جي لاءِ پاڻ موجود هو. وزيراعظم کي سندس رهائشگاهه کان ايئرپورٽ تائين غيرمعمولي سرڪاري پروٽوڪول ڏنو ويو جڏهن ته وزيراعظم جي ملائيشيا اچڻ تي پڻ ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم وزيراعظم پاڪستان کي سندس رهائشگاهه تي ڀليڪار چوڻ جي لاءِ موجود هو. ملائيشيا جي وزيراعظم الوداع ڪرڻ وقت وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سندس ملائيشيا جي دوري جي تصويرن تي ٻڌل يادگاري البم پڻ پيش ڪيو. وزيراعظم جي ملائيشيا جي دوري دوران غيرمعمولي گرمجوشي جو مظاهرو ڏسڻ ۾ آيو. 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي انتظامي مرڪز پترا جايا ويو جتي وزيراعظم آفيس (پردانا پترا) اچڻ تي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي کيس ملائيشيا جي هٿياربند فوج جي دستي پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو جنهن کانپوءِ وزيراعظم ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات پڻ ٿي. ٻنهي وزيراعظمن وفدن جي سطح تي ملاقات ۾ پنهنجي پنهنجي وفد جي قيادت ڪئي. دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون. ان کانسواءِ وزيراعظم ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم پاڪستان – ملائيشيا بزنس اينڊ انويسٽمينٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي آف ملائيشيا پاران ليڊرشپ ۽ گورننس ۾ پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري پڻ ڏني وئي. وزيراعظم جو اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تيزي سان وڌندڙ سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.











