حڪومت، جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪس جي شرح کي 11 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو هدف رکيو آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت جاري مالي سال جي پڄاڻيءَ تائين جي ڊي پي، جي تناسب سان ٽيڪس جي شرح کي 11 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو هدف رکيو آهي، جنهن لاءِ مصنوعي ذهانت، ڊيٽا اينالٽڪس ۽ ڊجيٽل انضمام ذريعي ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪيو پيو وڃي، اسٽريٽجڪ ڀائيوارن طرفان سيڙپڪاري ۽ واپار کي هٿي …

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت جاري مالي سال جي پڄاڻيءَ تائين جي ڊي پي، جي تناسب سان ٽيڪس جي شرح کي 11 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو هدف رکيو آهي، جنهن لاءِ مصنوعي ذهانت، ڊيٽا اينالٽڪس ۽ ڊجيٽل انضمام ذريعي ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪيو پيو وڃي، اسٽريٽجڪ ڀائيوارن طرفان سيڙپڪاري ۽ واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور حمايت حاصل ٿي آهي. هن اها ڳالهه اڪيومن بورڊ جي هڪ اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي قيادت باني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جيڪولين نووگراٽز ڪري رهي هئي، وفد ۾ پول ڪاسرٽن اسٽينڊي ۽ ادصدرو چيف انويسٽمينٽ آفيسر ۽ ڊاڪٽر عائشه خان چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اڪيومن پاڪستان کان علاوه اڪيومن جي گلوبل بورڊ جا ميمبر ۽ عالمي سيڙپڪار شامل هئا. وفد جي آجيان ڪندي وفاقي وزير پاڪستان ۾ اڪيومن جي مسلسل شموليت خاص ڪري زراعت ۽ ماحولياتي لچڪ ۽ موزونيت کي هٿي وٺرائڻ تي ڌيان ڏيڻ کي ساراهيو. هن وفد کي پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام ۽ خاص ڪري ٽيڪس ۽ توانائي جي شعبن ۾ جاري ڍانچه جاتي سڌارن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته حڪومت موجوده مالي سال جي پڄاڻيءَ تائين مجموعي قومي پيداوار جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح کي 11 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو هدف رکيو آهي جنهن لاءِ مصنوعي ذهانت، ڊيٽا اينالٽڪس ۽ ڊجيٽل انضمام ذريعي ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪيو پيو وڃي. هن ٻُڌايو ته حڪومت توانائي ۽ مالي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ، سيڙپڪاريءَ جي ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبن وچ ۾ ڀائيواريءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. ناڻي واري وزير، وزيراعظم جي بيجنگ، رياض ۽ واشنگٽن جي تازي دؤري جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان کي پنهنجي اسٽريٽجڪ ڀائيوارن طرفان سيڙپڪاري ۽ واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور حمايت حاصل ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته چين جي دؤري دوران 24 نون گڏيل منصوبن تي صحيحون ٿيون جيڪي سيڙپڪاريءَ جي ميدان ۾ پاڪستان جي ٺوس اڳڀرائي جو مظهر آهن. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته سرڪاري ادارن جا سڌارا تيزيءَ سان جاري آهن، جن ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري آخري مرحلي ۾ آهي، اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ ۽ بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين جي نجڪاري پهرئين مرحلي ۾ شامل آهي. هن زور ڀريو ته پاڪستان جي معاشي ترقيءَ ۾ نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، حڪومت جو ڪم سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي. هن ٻُڌايو ته پاڪستان هڪ روانگي واپار تي ٻَڌل ترقياتي ماڊل طرف وڌي رهيو آهي جنهن لاءِ ٽيرف سڌارن، مالي نظم و ضبط ۽ جٽادار پاليسين تي عملدرآمد کي ترجيح ڏني پئي وڃي ته جيئن معيشت کي بوم اينڊ بسٽ سائيڪل مان ڪڍي سگهجي. ناڻي واري وزير وڌيڪ ٻُڌايو ته حڪومت هلندڙ سال جي پڄاڻيءَ کان اڳ پهريون پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ وڃي رهي آهي جنهن ذريعي چين جي ڪيپيٽل مارڪيٽ تائين پهچ حاصل ٿيندي. ان سان گڏوگڏ پاڪستان مستقبل ۾ ڊالر، يورو ۽ اسلامي سڪوڪ مارڪيٽس ۾ پڻ داخل ٿيڻ جو ارادو رکي ٿو. هن حڪومت جي ڊجيٽل تبديليءَ جي مهم جو ذڪر ڪندي چيو ته موجوده مالي سال جي پڄاڻيءَ تائين سموريون سرڪاري ادائگيون ڊجيٽل ٿي وينديون. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان کي آبهوا جي تبديلي ۽ آباديءَ جي دٻاءُ جهڙا ٻه چئلينجز درپيش آهن. هن نشاندهي ڪئي ته موسمياتي تبديلين جا اثر پهرين ئي پاڪستان ۾ سخت برساتن ۽ ٻوڏ جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهيا آهن، انهن لاءِ ڪاربان جي نيڪال ۾ گهٽتائي، ٻارن جي غذائيت، نياڻين جي تعليم ۽ پُٺتي پيل تعليم جي خاتمي تي فوري توجهه ضروري آهي، عالمي بئنڪ سان پاڪستان جو ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ انهن ترجيحن لاءِ هڪ منظم حڪمت عملي فراهم ڪري ٿو. ناڻي واري وزير پرڏيهي منافعي ۽ ڊيويڊنڊز جي ترسيلات ۾ جمع ٿيل بقايائن جي خاتمي جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ چيو ته معاشي استحڪام جي نتيجي ۾ هاڻ اها ڏي وٺ معمول موجب ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جاري آهي جنهن جو هڪ مثال ويجهڙ ۾ 500 ملين ڊالر يورو بانڊز جي وقت سر ادائيگي آهي. هن اڪيومن جي پاڪستان تي اعتماد ۽ غربت جي خاتمي، موسمياتي موزونيت ۽ زراعت جي شعبي ۾ پائيدار ۽ لچڪدار قدمن تي ان جي ڪردار کي ساراهيو. جيڪولين نووگراٽز پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هو 2002ع کان پاڪستان اچي رهي آهي ۽ پاڪستان جا تجربا واقعي غير معمولي آهن. هن پاڪستان ۾ زراعت، موسمياتي هڪجهڙائي، توانائي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ اڪيومن جي ڊگهي مدي واري عزم کي ورجايو. پاڪستان جي نوجوانن جي صلاحيتن ۽ ڪاروباري جذبي جي تعريف ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن انهن نوجوانن کي مالي پهچ ۽ موقعا فراهم ڪيا وڃن ته هو پنهنجن تخليقي خيالن کي جٽادار ڪاروبارن ۾ تبديل ڪري سگهن ٿا. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته اڪيومن پاڪستان جي عوام ۽ انهن جي خيالن ۾ سيڙپڪاري جاري رکندو. اها ملاقات سيپٽمبر 2025ع ۾ اڪيومن پاڪستان جي ٽيم ناڻي واري وزير سان ملاقات جي تسلسل ۾ آهي ۽ ان دؤري جو مقصد پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي صورتحال جي روشنيءَ ۾ اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ سيڙپڪاريءَ جي امڪانن جو جائزو وٺڻ هو. وفد پاڪستان لاءِ 90 ملين ڊالرن جي ايگريڪلچر ريزيليئنس فنڊ جي اڳڀرائيءَ تي به ڳالهيون ڪيون، جيڪا موسمياتي موزونيت ۽ جٽادار زراعت لاءِ بلينڊڊ فنانس سهولت آهي.

مزید خبریں