اسلام آباد _ 07 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته مون کي ان ڳالهه جي تصديق ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد کي آزاد ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي هو عمان ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ محفوظ آهي. ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد سٺي صحت ۽ بلند حوصلي ۾ آهي، …
اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد کي آزاد ڪيو ويو آهي: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد _ 07 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته مون کي ان ڳالهه جي تصديق ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد کي آزاد ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي هو عمان ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ محفوظ آهي. ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد سٺي صحت ۽ بلند حوصلي ۾ آهي، سفارتخانو سندس خواهش ۽ سهولت موجب پاڪستان واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. نائب وزيراعظم چيو ته مون کي پنهنجي سمورن دوست ملڪن جا ٿورا مڃيندي خوشي ٿي رهي آهي جن ان سلسلي ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت سان سرگرمي سان حصو ورتو ۽ مدد ڪئي.











