اسلام آباد _ 07 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان – فلسطين پارلياماني فرينڊشپ گروپ جو پهريون بريفنگ سيشن قومي اسيمبلي جي ميمبر عمار احمد خان لغاري جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي وزارت جي عملدارن تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن احمد عتيق انور، خرم منور منج، رومينه خورشيد عالم ۽ صبا صادق شرڪت ڪئي جڏهن ته پاڪستان جي اردن جي سفير وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس …
پاڪستان – فلسطين پارلياماني فرينڊشپ گروپ جو پهريون بريفنگ سيشن

مزید خبریں
اسلام آباد _ 07 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان – فلسطين پارلياماني فرينڊشپ گروپ جو پهريون بريفنگ سيشن قومي اسيمبلي جي ميمبر عمار احمد خان لغاري جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي وزارت جي عملدارن تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن احمد عتيق انور، خرم منور منج، رومينه خورشيد عالم ۽ صبا صادق شرڪت ڪئي جڏهن ته پاڪستان جي اردن جي سفير وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. بريفنگ ۾ پاڪستان ۽ فلسطين جي ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده صورتحال، پارلياماني تعاون، فلسطين بابت انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) ۾ پاڪستان جي موقف ۽ ميڊيا انيگجمينٽ ۽ عوامي سفارتڪاري جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ۽ عزم ظاهر ڪيو ته اهي اسرائيلي ۽ ڀارتي حڪومتن پاران ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف عالمي سطح تي پنهنجو آواز وڌيڪ موثر انداز ۾ اٿاريندا رهندا. پرڏيهي وزارت جي نمائندي اجلاس دوران سينيٽر مشتاق جي حوالي سان اسرائيلي حڪومت جي تازي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو.











