سعودي عرب – پاڪستان گڏيل بزنس ڪائونسل جي چيئرمين شهزاده منصور بن محمد السعود جي قيادت ۾ اعليٰ سطحي ڪاروباري وفد اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد _ 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب – پاڪستان گڏيل بزنس ڪائونسل جو چيئرمين شهزاده منصور بن محمد السعود اعليٰ سطحي ڪاروباري وفد سان گڏ اسلام آباد پهچي ويو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب شهزاده منصور بن محمد السعود ۽ ساڻس گڏ آيل وفد پاڪستاني قيادت، اعليٰ سرڪاري عملدارن، چيمبرز آف ڪامرس جي نمائندن ۽ نمايان ڪاروباري گروپس سان ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفي …

اسلام آباد _ 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب – پاڪستان گڏيل بزنس ڪائونسل جو چيئرمين شهزاده منصور بن محمد السعود اعليٰ سطحي ڪاروباري وفد سان گڏ اسلام آباد پهچي ويو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب شهزاده منصور بن محمد السعود ۽ ساڻس گڏ آيل وفد پاڪستاني قيادت، اعليٰ سرڪاري عملدارن، چيمبرز آف ڪامرس جي نمائندن ۽ نمايان ڪاروباري گروپس سان ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري تعاون کي فروغ ڏيڻ جي مختلف موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. اهو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻي ۽ پراڻي لاڳاپن سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري حصيداري کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو مظهر آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري  جي فروغ سان گڏوگڏ سعودي ويزن 2030ع ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترقياتي ايجنڊا موجب ترجيحي شعبن ۾ تعاون جي امڪانن تي پڻ غور ڪيو ويندو.

مزید خبریں