44هين مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس جي آفيسرن جي وفد جو اي پي پي سي هيڊڪوارٽرز جو دورو

اسلام آباد _ 07 آڪٽوبر (اي پي پي) 44هين مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس جي آفيسرن جي وفد ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي سي) هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. انهن جي دوري جو مقصد مختلف ميڊيا آرگنائيزيشنز ۾ پيشيواراڻي ڪم جو سڌوسنئون مشاهدو ڪرڻ هو. اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ وفد جي شرڪت ڪندڙن کي اداري جي مختلف شعبن ۽ انهن جي ڪم ڪرڻ جي …

اسلام آباد _ 07 آڪٽوبر (اي پي پي) 44هين مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس جي آفيسرن جي وفد ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي سي) هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. انهن جي دوري جو مقصد مختلف ميڊيا آرگنائيزيشنز ۾ پيشيواراڻي ڪم جو سڌوسنئون مشاهدو ڪرڻ هو. اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ وفد جي شرڪت ڪندڙن کي اداري جي مختلف شعبن ۽ انهن جي ڪم ڪرڻ جي طريقيڪار بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊائريڪٽر نيوز شمائله عندليب ۽ ڊائريڪٽر اردو نيوز سروس عبدالحميد تبسم پڻ موجود هُئا. وفد انگلش نيوز سروس، اردو نيوز سروس، اسٽوڊيوز ۽ اي پي پي ڊيٽا سينٽر سميت مختلف شعبن جو دورو ڪيو ۽ ڪم جي حوالي سان سوال پڻ ڪيا.

مزید خبریں