وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي ملائيشيا جي ڊجيٽل معاملن واري وزير سان ملاقات، ڊجيٽل ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ ٻطرفو سهڪار مضبوط بڻائڻ تي اتفاق

ڪوالالمپور- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ملائيشيا جي ڊجيٽل معاملن واري وزير گوبند سنگهه ديو سان ڪوالالمپور ۾ پاڪستان ملائيشيا بزنس اينڊ انويسٽمينٽ ڪانفرنس جي موقعي ملاقات ڪئي. جاري پڌرائي مطابق ملاقات ۾ واپار واري وزير ۽ ملائيشيا جي ڊجيٽل معاملن واري وزير پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ فني سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ ڊجيٽل تبديلي جي وڌندڙ اهميت تي …

ڪوالالمپور- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ملائيشيا جي ڊجيٽل معاملن واري وزير گوبند سنگهه ديو سان ڪوالالمپور ۾ پاڪستان ملائيشيا بزنس اينڊ انويسٽمينٽ ڪانفرنس جي موقعي ملاقات ڪئي. جاري پڌرائي مطابق ملاقات ۾ واپار واري وزير ۽ ملائيشيا جي ڊجيٽل معاملن واري وزير پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ فني سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ ڊجيٽل تبديلي جي وڌندڙ اهميت تي زور ڀريو. ٻنهي وزيرن اي ڪامرس پليٽ فارم کي سگهه ڏيڻ، سرحد پار ڊجيٽل خدمتن جي سهولت فراهم ڪرڻ، سائبر سيڪيورٽي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ ۽ مصنوعي ذهانت ۽ جي فائيو انفرا اسٽرڪچر جهڙين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ گڏيل منصوبن کي هٿي ڏيڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي وزيرن، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وزيراعظم داتو سري انور ابراهيم وچ ۾ ڪامياب ۽ نتيجا خيز ملاقات تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ان اميد جو به اظهار ڪيو ته پاڪستان سافٽ ويئر هائوسز ايسوسيئيشن بابت آءِ ٽي ۽ آءِ ٽي اي ايس (پاشا) ۽ نيشنل ٽيڪ ايسوسيئشن آف ملائيشيا (پي آءِ ڪي او ايم) جي وچ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعاون دوران ٿيل ايم او يو تي صحيحين سان پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ ڊجيٽل رابطن کي نمايان طور تي مضبوط ۽ وڌيڪ سگهارو ڪندو. ٻنهي وزيرن گڏيل طور تي ٽيڪ ڪنيڪٽ ڪانفرنس جو افتتاح به ڪيو ۽ ملائيشيا ۽ پاڪستان جي اهم اڀرندڙ ڪمپينن جي نمائندگي ڪندڙن کي اهم خطاب به ڪيو. ان تقريب ۾ ايم ڊي اي سي، سائبر ويو، ملائيشيا سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري ايوسيئيشن، پي آءِ ڪي او ايم جهڙين اهم تنظيمن سان گڏوگڏ اي ڊبليو ايس ۽ اوريڪل جي نمائندن به شرڪت ڪئي.

مزید خبریں