قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان سعودي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ جي ملاقات

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان سعودي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ جي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن ناتن، پارلياماني سهڪار، خطي جي صورتحال ۽ مسلم اُمت جي اتحاد تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ملاقات دوران اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ناتا عقيدي، ڀائيچاري …

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان سعودي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ جي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن ناتن، پارلياماني سهڪار، خطي جي صورتحال ۽ مسلم اُمت جي اتحاد تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ملاقات دوران اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ناتا عقيدي، ڀائيچاري ۽ اعتماد تي ٻَڌل آهن، سعودي عرب هميشه پاڪستان جو مخلص دوست رهيو آهي. پارلياماني سهڪار ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪرار ادا ڪندو. پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدو دوستي، اعتماد ۽ علائقائي امن جو مظهر آهي. هن چيو ته اسٽريٽجڪ معاهدو پاڪستان لاءِ هڪ وڏو اعزاز ۽ فخر آهي، معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻي ڀائيواري ۽ ترقيءَ جي نئين باب جي شروعات آهي. اسپيڪر، سعودي فرمانروا شاهه سلمان، ولي عهد محمد سلمان، اسپيڪر مجلس شوريٰ ڊاڪٽر عبدالله آل الشيخ ۽ سعودي عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جا ناتا گڏيل مذهبي، اخلاقي ۽ سماجي قدرن تي ٻَڌل آهن. سعودي قيادت کي خادمين الحرمين الشريفين جي ڪردار تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته سعودي عرب مسلم اُمت جي عظيم ثقافتي ۽ اخلاقي وراثت جي تحفظ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سعودي اسٽريٽجڪ ميوچل ڊفينس ايگريمينٽ تي صحيح تاريخي سنگِ ميل آهي. اسپيڪر سعودي شاهه سلمان، ولي عهد محمد سلمان ۽ اسپيڪر مجلس شوريٰ ڊاڪٽر عبدالله آل الشيخ کي معاهدي تي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته سعودي قيادت هميشه مسلم اُمت جي اتحاد ۽ عالمي امن لاءِ مؤثر ڪردار ادا ڪيو آهي. خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جو ويزن اُمت جي ڀلائيءَ جي ترقيءَ جي علامت آهي. اسپيڪر چيو ته غزه ۾ جنگبندي لاءِ سعودي عرب جو قائداڻو ۽ هاڪاري ڪردار تعريف جوڳو آهي، پاڪستان جي خوش قسمتي آهي ته کيس حرمين شريفين جي حفاظت جي ذميداري ملي آهي. سعودي عرب سان ناتن جي حوالي سان حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪ پيج تي آهن. پاڪ- ڀارت جنگ ۾ سعودي عرب طرفان يڪجهتيءَ جي اظهار تي ٿورائتا آهيون. ڪشمير مسئلي تي سعودي عرب جي پاڪستان جي موقف جي تائيد تعريف جوڳي آهي، سمورن عالمي فورمز تي پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪجهڙو مؤقف رکندڙ آهن. هن چيو ته چيئرمين شوريٰ ڪائونسل کي پاڪ- سعودي ناتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندس ڪوششن جي اعتراف ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو سول ايوارڊ اڄ ڏنو ويندو. چيئرمين سعودي شوريٰ، اسپيڪر جي شاندار آجياڻي ۽ ميزبانيءَ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جو دؤرو ڪري دلي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، ٻئي ملڪ هر شعبي ۾ گڏوگڏ آهن. پاڪستان سان ناتا وقت سان گڏ وڌيڪ بهتر ٿي رهيا آهن، دفاعي معاهدو ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻيندو. هن چيو ته دفاعي معاهدو ڪنهن ملڪ خلاف ناهي، پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ سعودي شوريٰ وچ ۾ ناتن ۾ هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان اسلامي دنيا جو اهم ملڪ آهي، سعودي عرب، پاڪستان سان ناتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. سعودي عرب جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ پاڪستان کي اهم اهميت حاصل آهي، اُمت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ مسلم ملڪن ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي اڻٽر آهي. ٻنهي اڳواڻن مسلم اُمت جي اتحاد، علائقائي سهڪار ۽ اقتصادي ڀائيواريءَ کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن ۾ رابطن کي هٿي وٺرائڻ سان ٻه طرفه ناتا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. ملاقات ۾ سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي پڻ شريڪ هو. ملاقات ۾ ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف، قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن سيد حفيظ الدين، زيب جعفر، ملڪ عامر ڊوگر، سحر ڪامران، مجاهد علي ۽ نور عالم خان پڻ شريڪ هئا.

مزید خبریں