اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ملڪ ۾ ڊجيٽل ادائگيءَ جي نظام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور محنت ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۽ قزاخستان وچ ۾ مصنوعي ذهانت سميت آءِ ٽي جي ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل مستقبل جي جوڙجڪ ۽ پاڪ- قزاخستان ناتن بابت تقريب …
پاڪستان ۽ قزاخستان وچ ۾ مصنوعي ذهانت سميت آءِ ٽي جي ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت آهي: شزه فاطمه خواجه

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ملڪ ۾ ڊجيٽل ادائگيءَ جي نظام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور محنت ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۽ قزاخستان وچ ۾ مصنوعي ذهانت سميت آءِ ٽي جي ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل مستقبل جي جوڙجڪ ۽ پاڪ- قزاخستان ناتن بابت تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي قدرن سان ڳنڍيل آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب ڊجيٽل پاڪستان لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ڊجيٽل گورننس تي ڀرپور ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته سرڪاري ادارن ۾ اِي آفيس جو نظام واضح ڪيو ويو آهي، ملڪ ۾ ڊجيٽل ادائگين جي نظام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون.











