واپار واري وفاقي وزير جي ملائيشيا جي سيڙپڪاري، واپار ۽ صنعت بابت نائب وزير سان ملاقات

ڪوالالمپور- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ملائيشيا جي سيڙپڪاري، واپار ۽ صنعت بابت نائب وزير واءِ بي ليوچن تونگ گذريل ڏينهن ڪوالالمپور ۾ پاڪستان ملائيشيا بزنس اينڊ انويسٽمينٽ ڪانفرنس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران واپار واري وزير ڄام ڪمال خان ۽ نائب وزير پاڪستان ملائيشيا ٻه طرفي اقتصادي ۽ واپاري ناتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ مختلف شعبن …

ڪوالالمپور- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ملائيشيا جي سيڙپڪاري، واپار ۽ صنعت بابت نائب وزير واءِ بي ليوچن تونگ گذريل ڏينهن ڪوالالمپور ۾ پاڪستان ملائيشيا بزنس اينڊ انويسٽمينٽ ڪانفرنس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران واپار واري وزير ڄام ڪمال خان ۽ نائب وزير پاڪستان ملائيشيا ٻه طرفي اقتصادي ۽ واپاري ناتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ مختلف شعبن خاص ڪري آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت، سيمي ڪنڊڪٽرز، آٽوموٽيو، ايوي ايشن، ايگرو فوڊ ۽ حلال واپار سميت ٻين شعبن ۾ ڀائيواريءَ کي مضبوط ڪرڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي ڪمپنين وچ ۾ ايگرو فوڊ، جيليٽن ۽ سي فوڊ جي روانگي واپار ۾ 11 بي ٽو بي، ايم او يوز تي صحيح جو پڻ مشاهدو ڪيو. هن وزيراعظم شهباز شريف ۽ وزيراعظم انور ابراهيم وچ ۾ ٿيل نتيجا ڏيندڙ ۽ بامعنيٰ ڳالهين جي به هاڪاري عڪاسي ڪئي ۽ سهڪار وڌائڻ جي گڏيل ويزن تي زور ڀريو. ٻنهي اڳواڻن مينيوفيڪچرنگ، ٽيڪنالاجي ۽ گرين انرجي سميت اهم شعبن تي ڌيان ڏيندي اقتصادي ناتن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ ملائيشيا پاڪستان جامع اقتصادي ڀائيواريءَ جي معاهدي کي لاڳو ڪرڻ ۽ تجديد کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ياد رهي ته واپار وارو وزير 5 کان 7 آڪٽوبر تائين ملائيشيا جي سرڪاري دؤري تي وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ هو.

مزید خبریں