وفاقي حڪومت وڪيل برادريءَ جي مسئلن جي حل ۽ عدالتي نظام جي بهتريءَ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ڪي پي ڪي بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين احمد فاروق خٽڪ ملاقات ڪئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت موجب ملاقات ۾ ڪوهاٽ، ڪرڪ، هنگو، اورڪزئي، ڪرم، چارسده، للچي، بانڊه دائود شاهه ۽ تخت نوئي بار ايسوسيئيشنز لاءِ گرانٽ اِن ڊيٽ جي منظوريءَ جو فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪي پي ڪي …

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ڪي پي ڪي بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين احمد فاروق خٽڪ ملاقات ڪئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت موجب ملاقات ۾ ڪوهاٽ، ڪرڪ، هنگو، اورڪزئي، ڪرم، چارسده، للچي، بانڊه دائود شاهه ۽ تخت نوئي بار ايسوسيئيشنز لاءِ گرانٽ اِن ڊيٽ جي منظوريءَ جو فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪي پي ڪي جي بار ايسوسيئيشنز کي بار ڪائونسل سان ڊجيٽل نظام ذريعي ڳنڍڻ لاءِ ڪميپوٽرائيزيشن جي مد ۾ خاص گرانٽ پڻ جاري ڪئي وئي. وفاقي وزير ڪي پي ڪي بار ڪائونسل لاءِ نادرا جي سهڪار سان آن لائن رجسٽريشن ۽ ڪمپيوٽرائزيشن جي منصوبي تحت گرانٽ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جيڪو صوبي جي وڪيل برادريءَ جو پُراڻو مطالبو هو. هن چيو ته وفاقي حڪومت وڪيل برادريءَ جي مسئلن جي حل ۽ عدالتي نظام جي بهتريءَ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي. وائيس چيئرمين احمد فاروق خٽڪ ۽ ٻين وڪيل نمائندن وفاقي وزير جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته اهي قدم ڪي پي ڪي جي بار ايسوسيئيشن لاءِ جديد سهولتن جي فراهمي ۽ شفافيت کي هٿي وٺرائڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندا.

مزید خبریں