اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني آئيني بينچ 26هين آئيني ترميم خلاف اپيلن جي ٻُڌڻي سڌيءَ ريت نشر ڪرڻ جون درخواستون منظور ڪري ورتون. جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ قائم بينچ ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمدعلي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس شاهد بلال شامل هئا. ڪالهه ٻُڌڻيءَ دوران درخواستگذارن ڪارروائي …
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ 26هين آئيني ترميم خلاف اپيلن جي ٻُڌڻي سڌيءَ ريت نشر ڪرڻ جي درخواست منظور

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني آئيني بينچ 26هين آئيني ترميم خلاف اپيلن جي ٻُڌڻي سڌيءَ ريت نشر ڪرڻ جون درخواستون منظور ڪري ورتون. جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ قائم بينچ ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمدعلي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس شاهد بلال شامل هئا. ڪالهه ٻُڌڻيءَ دوران درخواستگذارن ڪارروائي سڌيءَ ريت نشر ڪرڻ جي حمايت ڪئي جڏهن ته ايڊيشنل اٽارني جنرل مؤقف اختيار ڪيو ته ٻُڌڻيءَ کي سڌيءَ ريت نشر ڪرڻ يا نه ڪرڻ عدالت جو صوابديد آهي. عدالت دليل ٻُڌڻ کانپوءِ نشريات جي اجازت ڏئي ڇڏي. ٻُڌڻيءَ دوران جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته سڌيءَ ريت نشريات عوام کي ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ هوندي آهي جڏهن ته ان جو غلط استعمال به ٿي ويندو آهي. عدالت مصطفيٰ نواز کوکر جا رجسٽرار پاران لڳايل اعتراضن خلاف درخواست کي اوپن ڪورٽ ۾ ٻُڌڻ جو به فيصلو ڪري ورتو. وڪيل شاهد جميل مؤقف اختيار ڪيو ته فل ڪورٽ جوڙڻ جو پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽيءَ جو فيصلو تا حال مؤثر آهي ۽ ان تي عملدرآمد لاءِ درخواست به داخل ڪئي وئي آهي، جنهن تي جسٽس امين الدين ريمارڪس ڏنا ته اوهان جي درخواست اوپن ڪورٽ ۾ گُهرائي ٻُڌي ٿا وٺون. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻُڌڻي (اڄ) صبح 11:30 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.











