سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ڊئنمارڪ جي سپريم ڪورٽ جي جج جي ملاقات

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ڊئنمارڪ جي سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس محمد احسن ملاقات ڪئي. وزارت موجب ملاقات ۾ قانون ۽ انصاف وارو مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ، قانون وارو سيڪريٽري راجا نعيم اڪبر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ڊئنمارڪ جي عدالتي نظام جي ڍانچي، ڪم جي طريقيڪار ۽ سڌارن …

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ڊئنمارڪ جي سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس محمد احسن ملاقات ڪئي. وزارت موجب ملاقات ۾ قانون ۽ انصاف وارو مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ، قانون وارو سيڪريٽري راجا نعيم اڪبر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ڊئنمارڪ جي عدالتي نظام جي ڍانچي، ڪم جي طريقيڪار ۽ سڌارن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جسٽس محمد احسن شرڪت ڪندڙن کي ڊئنمارڪ جي عدليه جي نظام بابت بريفنگ ڏني جڏهن ته وفاقي وزير پاڪستان ۾ جاري عدالتي سڌارن ۽ انصاف تائين عوامي پهچ بهتر بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي ڌُرين مستقبل ۾ عدالتي سهڪار ۽ تجربن جي مٽاسٽا جي امڪانن تي به غور ڪيو. سينيٽر اعظم نذير تارڙ، جسٽس محمد احسن جي عالمي عدالتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۾ خدمتن کي ساراهيو ۽ قانون ۽ انصاف جي شعبي کي قيمتي اثاثو قرار ڏنو. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ پڄاڻيءَ تي پهتي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ عدالتي ۽ قانوني شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. اي

مزید خبریں