سوئيڊن جي ماحولياتي ڪارڪن فسادي آهي، ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ جي ضرورت آهي: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوئيڊن جي ماحولياتي ڪارڪن گريٽا ٿنبرگ کي ”فسادي“ قرار ڏيندي چيو آهي ته هوءَ هاڻي ماحوليات بدران غير ڄاڻايل معاملن ۾ الجهي چڪي آهي.هن چيو ته هوءَ هڪ فسادي آهي. آمريڪي صدر وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته کيس پنهنجي ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي شديد ضرورت آهي. منهنجو خيال آهي ته کيس ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ گهرجي …

واشنگٽن- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوئيڊن جي ماحولياتي ڪارڪن گريٽا ٿنبرگ کي ”فسادي“ قرار ڏيندي چيو آهي ته هوءَ هاڻي ماحوليات بدران غير ڄاڻايل معاملن ۾ الجهي چڪي آهي.هن چيو ته هوءَ هڪ فسادي آهي. آمريڪي صدر وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته کيس پنهنجي ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي شديد ضرورت آهي. منهنجو خيال آهي ته کيس ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ گهرجي هوءَ تمام چڙ ۾ رهندي آهي ۽ چرين وانگر ٿي وئي آهي. اهو بيان ان وقت سامهون آيو جڏهن اسرائيل جي پرڏيهي وزارت اعلان ڪيو هيو ته گلوبل صمود فلوٽيلا جي 171 ڪارڪنن کي اسرائيل مان بي دخل ڪري يونان ۽ سلوويڪيا منتقل ڪيو ويو آهي انهن ۾ گريٽا ٿنبرگ به شامل هئي.