سنڌ جي گورنر پاران شڪارپور ۾ ريل جي پٽڙي تي ٿيل ڌماڪي تي گهري ڳڻتي جو اظهار، آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب

ڪراچي- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري شڪارپور ۾ ريل جي پٽڙي تي ٿيل ڌماڪي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ پوليس کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. گورنر، آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته هو واقعي جي مڪمل ۽ شفاف جانچ ڪري ۽ ريل جي پٽڙي کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن کي جلد کان جلد قانون جي گرفت ۾ …

ڪراچي- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري شڪارپور ۾ ريل جي پٽڙي تي ٿيل ڌماڪي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ پوليس کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. گورنر، آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته هو واقعي جي مڪمل ۽ شفاف جانچ ڪري ۽ ريل جي پٽڙي کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن کي جلد کان جلد قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. هن چيو ته اهڙا واقعا نه فقط قومي اثاثن کي نقصان پهچائيندا آهن پر عوام جي جان ۽ مال کي به خطري ۾ وجهندا آهن. دهشتگردي ۾ ملوث عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن، کين عبرت جو نشانو بڻايو وڃي ته جئين مستقبل ۾ ڪو اهڙو قدم کڻڻ جي جرئت نه ڪن. گورنر ان واقعي کي صوبي ۾ امن امان خلاف سازش قرار ڏيندي چيو ته رياستي ادارا اهڙن عنصرن کي سختي سان منهن ڏيندا.