ڪراچي- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان چين جي سيڙپڪارن جي وفد سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ سنڌ حڪومت سان گڏجي ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي آڇ ڪئي. صوبائي وزير جي ترجمان موجب چيني وفد چيو ته هو ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ انفراسٽرڪچر، ٽرانسپورٽ، هائوسنگ ۽ شهري سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف ڊولپمينٽ منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جا خواهشمند آهن. صوبائي …
صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان چين جي سيڙپڪارن جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان چين جي سيڙپڪارن جي وفد سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ سنڌ حڪومت سان گڏجي ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي آڇ ڪئي. صوبائي وزير جي ترجمان موجب چيني وفد چيو ته هو ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ انفراسٽرڪچر، ٽرانسپورٽ، هائوسنگ ۽ شهري سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف ڊولپمينٽ منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جا خواهشمند آهن. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه وفد کي ڀليڪار ڪندي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تحت صوبو تيزيءَ سان ترقيءَ جي عمل مان گذري رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن. ملاقات دوران ٻطرفي دلچسپي وارن معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. صوبائي وزير چيني وفد کي ڪراچي کان روهڙي تائين ٽرين سروس جي منصوبي ۾ شراڪت ۽ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي. سيد ناصر شاهه چيو ته سنڌ سيڙپڪاري لاءِ زرخيز علائقو آهي، جتي توانائي، ٽرانسپورٽ، هائوسنگ، واٽر مينيجمينٽ ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ بيشمار موقعا موجود آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۽ عوام جي ترقيءَ لاءِ ايندڙ هر سيڙپڪار کي ڀليڪار ڪري ٿي ۽ مڪمل سهڪار فراهم ڪندي. چيني وفد جي اڳواڻي هائو جئيجيئو ڪئي. ملاقات ۾ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ وسيم شمشاد، علي مانڊوي والا، اظهر الاهي، محمد دانش ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. صوبائي وزير وفد کي مختلف سيڪٽرن ۾ منافعي بخش سيڙپڪاري جي موقعن بابت آگاهي ڏني ۽ سنڌ حڪومت جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي تحت مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.











