حيدرآباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ چين جي لانزو يونيورسٽي وچ ۾ تدريسي ۽ تحقيقاتي سهڪار، استاد ۽ شاگردن تدريسي مٽاسٽا، گڏيل تربيت، ورڪشاپس ۽ ڪانفرنسن لاءِ هڪ اهم مفاهمتي يادداشتنامي تي صحيحون ڪيون آھن، جنهن تحت زرعي يونيورسٽي جا ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي جا شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ چين وڃڻ جا موقعا حاصل ڪري سگهندا، مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٻنهي ادارن جي سربراھن …
سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ چين جي لانزو يونيورسٽي وچ ۾ علمي ۽ تحقيقاتي سهڪار بابت مفاهمتي يادداشت تي صحيحون

مزید خبریں
حيدرآباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ چين جي لانزو يونيورسٽي وچ ۾ تدريسي ۽ تحقيقاتي سهڪار، استاد ۽ شاگردن تدريسي مٽاسٽا، گڏيل تربيت، ورڪشاپس ۽ ڪانفرنسن لاءِ هڪ اهم مفاهمتي يادداشتنامي تي صحيحون ڪيون آھن، جنهن تحت زرعي يونيورسٽي جا ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي جا شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ چين وڃڻ جا موقعا حاصل ڪري سگهندا، مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٻنهي ادارن جي سربراھن پنھنجي ملڪن ۾ الڳ الڳ تقريبن دوران ڪيون، سنڌ زرعي يونيورسٽي طرفان وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال، جڏهن ته لانزو يونيورسٽي جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر يانگ يونگ پنگ، پاران صحيحون ڪيون ويون، ٻين صحيحون ڪندڙن ۾ زرعي يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر اورڪ پروفيسر ڊاڪٽر تنوير فاطمه مياڻو، يونيورسٽي پاران مقرر ڪيل فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر شاهه نواز مري ۽ لانزو يونيورسٽي پاران ڊائريڪٽر، آفس آف انٽرنيشنل ڪوآپريشن اينڊ ايڪسچينج مسٽرچي گانگ ۽ فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر يانگ جيوي شرڪت ڪئي، هي پنجن سالن جو معاهدو ٻنهي ادارن کي گڏيل تحقيقاتي منصوبا شروع ڪرڻ، شاگردن ۽ استادن جي مٽاسٽا کي وڌائڻ، تربيت ۽ علمي ايڪسچينج کي هٿي ڏيڻ ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي اهل شاگردن کي لانزو يونيورسٽي چين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، جيڪي داخلا ۽ فنڊنگ جي منظوري سان لاڳاپيل هوندا، هي سهڪار خاص طور تي ٻوٽن جي نسل ڪشي ۽ جينيٽڪس، اسٽريس فزيالاجي، بائيو ٽيڪنالاجي ۽ موسمياتي لچڪدار زراعت جهڙن اهم شعبن تي مرڪوز هوندو، جيئن پائيدار زرعي ترقي کي علمي سهڪار ذريعي اڳتي وڌائي سگهجي، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ منعقد هڪ مختصر تقريب دوران وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته هي معاهدو بين الاقوامي علمي لاڳاپن کي مضبوط ڪندو، جنهن سان شاگرد ۽ استاد عالمي معيار جي تحقيق ۽ جديد تعليمي موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهندا۔ ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر تنوير فاطمه مياڻو ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شاهه نواز مري ٻڌايو ته ھن معاھدي جي روشني ۾ ٻنهي ادارن وچ ۾ گڏيل سهڪار قائم ڪيو ويندو، پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن جي گڏيل نگراني ۽ عالمي علمي منظرنامي تحت ادارن جي ڪردار کي سگھار بڻايو ويندو،جنھن کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ گڏيل رابطا ڪميٽي ٺاهي ويندي.











