روس جي صدر ۽ اسرائيل جي وزيراعظم جو ٽيليفونڪ رابطو، وچ اوڀر جي صورتحال تي رابطو

ماسڪو-07 آڪٽوبر(اي پي پي) روس جي صدر ولادي مير پيوٽن ۽ اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازه ترين اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ خاص طور تي آمريڪي صدر جي غزه پٽي ۾ صورتحال کي معمول تي آڻڻ جي منصوبي تي به بحث …

ماسڪو-07 آڪٽوبر(اي پي پي) روس جي صدر ولادي مير پيوٽن ۽ اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازه ترين اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ خاص طور تي آمريڪي صدر جي غزه پٽي ۾ صورتحال کي معمول تي آڻڻ جي منصوبي تي به بحث ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو ته صدر ولاديمير پيوٽن اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۾ موجوده حالتن خاص ڪري غزه ۾ آمريڪي صدر جي منصوبي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي .ان رابطي کي خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ عالمي سفارتي ڪوششن جي تناظر ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.

مزید خبریں