چين جو وزيراعظم لي چيانگ 9 کان 11 آڪٽوبر تائين اتر ڪوريا جو دورو ڪندو

 بيجنگ - 7 آڪٽوبر(اي پي پي)چين جو وزيراعظم لي چيانگ هن هفتي اتر ڪوريا جو سرڪاري دورو ڪندو، جتي هو اتر ڪوريا جي حڪمران ورڪرز پارٽي جي 80 هين سالگره تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان مطابق لي چيانگ 9 کان 11 آڪٽوبر تائين اتر ڪوريا ۾ قيام ڪندو. لي چيانگ چين جي صدر شي جن پنگ بعد سڀ کان اعليٰ سطحي اڳواڻ آهي. …

 بيجنگ – 7 آڪٽوبر(اي پي پي)چين جو وزيراعظم لي چيانگ هن هفتي اتر ڪوريا جو سرڪاري دورو ڪندو، جتي هو اتر ڪوريا جي حڪمران ورڪرز پارٽي جي 80 هين سالگره تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان مطابق لي چيانگ 9 کان 11 آڪٽوبر تائين اتر ڪوريا ۾ قيام ڪندو. لي چيانگ چين جي صدر شي جن پنگ بعد سڀ کان اعليٰ سطحي اڳواڻ آهي. گذريل مهيني بيجنگ ۾ چين ۽ اتر ڪوريا جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ملاقات ٿي هئي جنهن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو ويو هو. ان کان ڪجهه هفتا اڳ اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان بيجنگ جو هڪ شاندار دورو ڪيو هو. جتي هو شي جن پنگ سان گڏ ٻين عالمي جنگ جي خاتمي جي 80 هين سالگره جي پريڊ ۾ شريڪ ٿيو هو. چين اتر ڪوريا جو اهم سفارتي، اقتصادي ۽ سياسي حامي آهي. جڏهن ته پيانگ يانگ پنهنجي ايٽمي هٿيارن جو دفاع واشنگٽن ۽ ان جي اتحادين طرفان خطري جي تناظر ۾ ڪندو آهي.

مزید خبریں