سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس، ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا

ڪراچي- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪچي جي علائقي ۾ ڏوهارين لاءِ سرينڊر پاليسي، سال 2025 جي ڪڻڪ رليز پاليسي، تيل ڪمپنين کان انفراسٽرڪچر سيز جي اوڳاڙي ٻيهر شروع ڪرڻ، ايل بي او ڊي ملازمن جي ريگولرائيزيشن جي منظوري ڏني وئي. صوبائي ڪابينا سرڪاري ملازمن جي بينيولنٽ فنڊ جي نوٽيفڪيشن کي ملتوي ڪرڻ جو …

ڪراچي- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪچي جي علائقي ۾ ڏوهارين لاءِ سرينڊر پاليسي، سال 2025 جي ڪڻڪ رليز پاليسي، تيل ڪمپنين کان انفراسٽرڪچر سيز جي اوڳاڙي ٻيهر شروع ڪرڻ، ايل بي او ڊي ملازمن جي ريگولرائيزيشن جي منظوري ڏني وئي. صوبائي ڪابينا سرڪاري ملازمن جي بينيولنٽ فنڊ جي نوٽيفڪيشن کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته صوبي ۾ ٽائر پائرولائسس پلانٽس جي آپريشن تي مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ سميت ٻيا اهم فيصلا پڻ ڪيا ويا. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي صوبائي ڪابينا سرڪاري ملازمن جي بينيولنٽ فنڊ جي نوٽيفڪيشن کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سنڌ ايمپلائيز الائنس طرفان 3 آڪٽوبر 2025 تي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه کي مطالبن جو چارٽر پيش ڪيو ويو جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سرڪاري ملازمن لاءِ بينيولنٽ فنڊ رڳو وفات يا معذوري بدران ريٽائرمينٽ جي وقت به ڏنو وڃي. ڪابينا ان مقصد لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ فنانس، جنرل ايڊمنسٽريشن، ايمپليمينٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن، قانون ۽ ڊائريڪٽر بينيولنٽ فنڊ جا سيڪريٽري شامل هوندا. ڪميٽي بينيولنٽ فنڊ جي استعمال جي طريقيڪار تي غور ڪندي ۽ جنرل پروويڊنٽ فنڊ جي طرز تي سفارشون تيار ڪندي. ڪميٽي ملازمن جي حصيداري، ادائيگي جي فارمولن، فائدي جي ڍانچي ۽ قانوني ترميمن بابت سفارشون ڪابينا کي پيش ڪندي. ڪابينا سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪچي وارن علائقن لاءِ ڏوهارين جي سرينڊر پاليسي منظور ڪئي، جنهن جو مقصد امن قائم ڪرڻ، رياست جو وقار برقرار رکڻ ۽ درياءَ جي ڪناري وارن علائقن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي ته سيڪيورٽي آپريشنز ۽ مقامي برادرين سان ڳالهين کانپوءِ ڪيترن ڏوهارين پنهنجو پاڻ کي قانون جي حوالي ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. اها پاليسي قانون مطابق شفاف ۽ انساني بنيادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي. پاليسي جا اهم نقطا هٿيارن جي لازمي ضبطگي، خاندانن جو تحفظ، بحالي ۽ روزگار جي فراهمي، تعليم، صحت ۽ فني تربيتي موقعن تائين پهچ آهن. حڪومت انهن علائقن ۾ اسڪول، صحت ۽ ترقياتي منصوبن کي بحال ڪندي ته جيئن امن ۽ استحڪام برقرار رهي. وڏي وزير، گهرو کاتي کي هدايت ڪئي ته پاليسي جي شفاف عملداري کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عوامي آگاهي مهم ذريعي سرينڊر کي امن ۽ بحالي جي رستي طور اجاگر ڪيو وڃي. ڪابينا مالي نظم ۽ قيمتن ۾ استحڪام لاءِ ڪڻڪ رليز پاليسي 2025–26 جي منظوري ڏني. ڪابينا 27 فيبروري 2025 جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو هو ته ننڍن آبادگارن جي مفاد جي تحفظ لاءِ ڪڻڪ فوري طور جاري نه ڪئي وڃي پر محدود ذخيرا، ربيع 2024–25 ۾ گهٽ پيداوار ۽ مارڪيٽ ۾ قيمتن جي واڌ سبب ڪابينا فلور ملن ۽ چڪين لاءِ 12 لک 65 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪڻڪ 100 ڪلوگرام جي ٿيلهي لاءِ 9500 رپين جي اوسط اگهه تي جاري ڪئي ويندي. رليز پاليسي جا ٻه مقصد آهن، اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام آڻي عوام کي رليف ڏيڻ ۽ ڪڻڪ جي وڪري مان حاصل رقم سان بينڪ قرض واپس ڪري مالي نظم برقرار رکڻ آهي.  خوراڪ کاتو آڪٽوبر 2025 کان مرحليوار ڪڻڪ جي ورهاست شروع ڪندو. وڏي وزير شفاف عمل تي زور ڏنو ته جيئن عوام کي حقيقي فائدو ملي ۽ مارڪيٽ ۾ ڪنهن به قسم جي هيٺ مٿي کان بچي سگهجي. صوبائي ڪابينا ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي پاران تيل جي آمدني واپار تي سنڌ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيز جي وصولي بابت سمري تي غور ڪيو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 36 تيل ڪمپنيون جن ۾ پاڪستان اسٽيٽ آئل به شامل آهي، ان معاملي ۾ ملوث آهن. مجموعي سيز رقم 102.545 ارب رپيا آهي، جنهن مان 49.736 ارب رپيا 2022–23 ۽ 52.809 ارب رپيا 2023–26 سان لاڳاپيل آهن. نوٽ ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪندي تيل ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته هو پيٽروليم مصنوعات جي ڪليرنس لاءِ سيز جي برابر بينڪ گارنٽيون جمع ڪرائن. ڪابينا پاڪستان اسٽيٽ آئل ۽ ٻين تيل ڪمپنين جون گارنٽيون واپس وٺڻ ۽ سپريم ڪورٽ جي عبوري حڪم موجب بينڪ گارنٽيون جمع ڪرائڻ جي منظوري ڏني. وڏي وزير هدايت ڪئي ته عدالت جي حڪمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ته جيئن صوبي جي آمدني جو تحفظ ۽ سنڌ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيز ايڪٽ جو اثرائتو لاڳو ٿيڻ يقيني بڻائي سگهجي. ڪابينا ليـفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين منصوبي جي 78 ڏھاڙيدار ملازمن جي ريگولرائيزيشن جي منظوري ڏني جن ۾ 50 درخواست ڏيندڙ ۽ 28 غير درخواست ڏيندڙ شامل آهن. اهي ملازم واپڊا کان سنڌ حڪومت ڏانهن منصوبو منتقل ٿيڻ بعد ڪنٽيجنٽ بنيادن تي ڪم ڪري رهيا هئا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص بينچ جي هدايت تي انهن جا ڪيس ٻيهر غور هيٺ آندا ويا جنهن ۾ عدالت مشاهدو ڪيو ته ڊگهي ۽ تسلي بخش سروس ۽ 2018ع جي قانون تحت اهي ريگولرائيزيشن جا حقدار آهن. وڏي وزير شفاف طريقي سان عمل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪابينا سنڌ انٽرپرائز ڊولپمينٽ فنڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرن جي ٻيهر جوڙجڪ جي منظوري ڏني. وڏي وزير چيو ته هي فنڊ 2011 ۾ صوبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو ويو هو. نئين بورڊ ۾ وزير يا انويسٽمينٽ بابت صلاحڪار بورڊ چيئرمين هوندو، جڏهن ته سيڪريٽري انويسٽمينٽ، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ پي پي پي يونٽ جو ڊي جي ميمبر هوندا. آزاد ميمبرن ۾ عثمان الماني، ميھر مصطفيٰ ڪاظمي، عثمان جاويد مرزا ۽ مھرين عبيد آغا شامل آهن. وڏي وزير چيو ته نئون بورڊ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي هٿي ڏيڻ، روزگار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ڪابينا صوبي ۾ ٽائر پائرولائسس پلانٽس جي آپريشن تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي ته جيئن فضائي گدلاڻ ۽ عوامي صحت جي خطرن کي گهٽائي سگهجي. سنڌ انوائرونمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) جي سفارش تي هي فيصلو ڪيو ويو، جنهن موجب پائرولائسس سرگرميون زهريلا ۽ خطرناڪ مادا ڇڏين ٿيون جيڪي ڪراچي جي هوا کي گدلو ڪن ٿيون. ڪابينا سنڌ انوائرونمينٽل پروٽيڪشن ايڪٽ 2014 تحت ”سنڌ انوائرونمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (پريوينشن آف يوز آف سب اسٽينڊرڊ فيول/ٽائرز) رولز 2025“ جي منظوري ڏني، جنهن تحت غير معياري ٻارڻ ۽ ٽائر پائرولائسس آئل جي پيداوار، وڪري ۽ استعمال تي پابندي هوندي. وڏي وزير سيپا کي هدايت ڪئي ته پابندي تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ۽ ماحولياتي تحفظ جي عالمي معيار، جنهن ۾ باسل ڪنونشن ۽ يو اين اي پي جي رهنمائي اصولن تي عمل يقيني بڻايو وڃي. ڪابينا اربن ايميوبل پراپرٽي ٽيڪس جي نظام کي سالياني ڪرائي واري قدر جي بنياد تان سرمائيداري قدر تي منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني جيڪو آءِ ايم ايف جي سهڪار سان قومي ٽيڪس هم آهنگي جو حصو آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته موجوده اي آر وي نظام 2001 کان غيرفعال آهي ۽ مارڪيٽ جي حقيقتن جي عڪاسي نٿو ڪري. نئون سي وي نظام وڌيڪ منصفاڻو ۽ شفاف هوندو ۽ آمدني ۾ اضافي جو امڪان آهي. هي نظام عالمي  بئنڪ جي سهڪار سان ”ڪلڪ پروجيڪٽ“ تحت ڪراچي پراپرٽي سروي کان پوءِ لاڳو ڪيو ويندو. جنهن سان جنوري 2026 تائين 20 لک نيون ملڪيتون ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿينديون. وڏي وزير چيو ته هي سڌارا پراپرٽي ٽيڪسيشن کي منصفاڻو، شفاف ۽ پائيدار بڻائيندا. ڪابينا بلديات کاتي کي لاڳاپيل قانون جو مسودو تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪابينا سڄي صوبي جي عوام لاءِ وفات واري سرٽيفڪيٽ جي رجسٽريشن فيس ختم ڪري ڇڏي. هي فيصلو گڏيل قومن ۽ عالمي ڀائيوارن جي سهڪار سان سول رجسٽريشن ۽ اهم انگن اکرن جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو. هاڻي صوبائي حڪومت نادرا جي سروس چارجز برداشت ڪندي ته جيئن شهري مفت وفات جا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهن. ڪابينا چيو ته هي قدم شهري سهولت ۽ ڊجيٽل رجسٽريشن کي هٿي ڏيڻ لاءِ کنيو ويو آهي. ڪابينا سنڌ ليٽرز آف ايڊمنسٽريشن اينڊ سڪسيشن سرٽيفڪيٽس ايڪٽ ۽ رولز 2021 ۾ ترميمون منظور ڪيون، ته جيئن وراثت حاصل ڪرڻ جو عمل آسان ۽ شفاف بڻجي. نئين ترميم ۾ نابالغ ۽ ذهني معذور وارثن جي حقن جي تحفظ تي زور ڏنو ويو آهي. ڪوڙو بيان ڏيندڙن خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ جي شق 198 تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪابينا سنڌ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ٻيهر جوڙجڪ جي منظور ڪئي. آزاد ڊائريڪٽر عزير باواني جي استعيفيٰ کان پوءِ ڪابينا نعيم زامندار کي نئون آزاد ڊائريڪٽر مقرر ڪيو، جنهن کي جدت ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ تجربو حاصل آهي. ڪابينا ”سنڌ سينيئر سٽيزنز ويلفيئر ايڪٽ 2014“ (ترميمي 2023) تحت ٽن سالن جي مدي لاءِ ٽين سينيئر سٽيزن ڪائونسل جي جوڙجڪ منظور ڪئي. ڪائونسل سوشل ويلفيئر واري وزير جي سربراهي ۾ ڪم ڪندي ۽ بزرگ شهرين جي ڀلائي لاءِ پاليسيون تيار ڪندي، جن ۾ سينيئر سٽيزن ڪارڊز جو جاري ڪرڻ به شامل آهي. ممبرن ۾ فنانس، صحت، بلديات، زڪوات ۽ عشر، ٽرانسپورٽ ۽ فوڊ اينڊ ايگريڪلچر جا سيڪريٽريز ۽ اسپيڪر طرفان نامزد ڪيل صوبائي اسيمبلي ميمبر شامل هوندا.  نجي ميمبرن ۾ عبدالله بٽ، طارق رمضان بلائدي، ضمير احمد دراني، انعام رحماني ۽ محمد اسلم شيخ (ريٽائرڊ) شامل آهن. ڪابينا ڪراچي جي گلشن حديد، بن قاسم ۾ واقع آغوش اسپيشل چائلڊرن هائير سيڪنڊري اسڪول جو انتظام پاڪستان اسٽيل ملز کان ڊپارٽمينٽ فار ايمپاورمينٽ آف پرسنز وِد ڊس ايبيلٽيز حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني. هي فيصلو پاڪستان اسٽيل ملز جي رضامندي کان پوءِ ڪيو ويو، جنهن پنهنجا تعليمي ادارا سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. اسڪول هن وقت 252 خاص شاگردن کي تعليم ڏئي رهيو آهي جن جي سار سنڀال لاءِ 52 عملي جا ميمبر ڪم ڪري رهيا آهن. ڪابينا مالي سال 2025–26 لاءِ عملي جي پگهارن، خرچن ۽ سار سنڀال لاءِ 5 ڪروڙ 34 لک رپين جي منظوري ڏني. هي انتظام شروعاتي طور 10 سالن لاءِ هوندو، جنهن کي گڏيل رضامندي سان وڌائي سگهجي ٿو. وڏي وزير هدايت ڪئي ته منتقلي دوران خاص شاگردن جي تعليم ۽ سار سنڀال جو تسلسل برقرار رکيو وڃي. ڪابينا اين اي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي ۾ هڪ سيڪشن 42 ڪمپني قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني، ته جيئن تحقيق ۽ جدت کي هٿي ڏني وڃي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته اين اي ڊي يونيورسٽي مصنوعي ذهانت، بگ ڊيٽا، سائبر سيڪيورٽي ۽ روبوٽڪس جي قومي مرڪزن سان گڏ جدت جو مرڪز بڻجي چڪي آهي، جڏهن ته سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جلد متعارف ڪرايو ويندو. نئين ڪمپني صنعت سان لاڳاپن کي مضبوط ڪندي ۽ تحقيق کي واپاري شڪل ڏيڻ لاءِ پليٽفارم مهيا ڪندي. ڪمپني جو مجاز سرمايو 50 لک رپيا ۽ شروعاتي فنڊنگ 9 ڪروڙ 70 لک رپيا هوندي، جڏهن ته بورڊ جي سربراهي وائيس چانسلر ڪندا. وڏي وزير اين اي ڊي جي ڪاميابين کي ساراهيندي چيو ته هي قدم سنڌ ۾ جدت، صنعت ۽ اڪيڊيميا جي لاڳاپن ۽ معيشت ۾ تحقيق جي ڪردار کي مضبوط ڪندو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.