اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ڀارت جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي ايڊوينچر جي ڪوشش ڪئي ته کيس ان کان وڌيڪ خواريءَ جو مُنهن ڏسڻو پوندو، پاڪستان ڀارت کي شڪست ڏئي ان جو بڻايل هوائي قلعو برباد ڪري ڇڏيو، هو پنهنجو پاڻ کي وڏو پليئر سمجهندو هو، هاڻ هو ڪنهن سي يا ڊي ٽيم ۾ شفٽ ٿي ويو آهي. پارليامينٽ …
ڀارت جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي ايڊوينچر جي ڪوشش ڪئي ته کيس ان کان وڌيڪ خواريءَ جو مُنهن ڏسڻو پوندو: بچاءُ وارو وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ڀارت جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي ايڊوينچر جي ڪوشش ڪئي ته کيس ان کان وڌيڪ خواريءَ جو مُنهن ڏسڻو پوندو، پاڪستان ڀارت کي شڪست ڏئي ان جو بڻايل هوائي قلعو برباد ڪري ڇڏيو، هو پنهنجو پاڻ کي وڏو پليئر سمجهندو هو، هاڻ هو ڪنهن سي يا ڊي ٽيم ۾ شفٽ ٿي ويو آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اسان جي فوج جهڙيءَ طرح بهادريءَ سان ملڪ جو بچاءُ ڪيو اهو تاريخ جو سونهري باب بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي پاڻ کي پهرين چار يا پنج وڏن ملڪن ۾ تصور ڪندو هو هاڻ اها پوزيشن ختم ٿي وئي آهي. هو دنيا ۾ پنهنجي ساک بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هندستان ۾ چونڊون اچڻ واريون آهن، ان سان گڏ ئي ان جون سياسي مجبوريون وڌي رهيون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن هندستان وٽ پنهنجي ساک بچائڻ لاءِ ڪجهه باقي رهجي ويو آهي ته اهو به وڃائيندا. هن چيو ته مودي ۽ ان جي ساڄي کاٻي ويهندڙن جي پلئه ڪجهه به نه رهيو، ان جي پارليامينٽ مذاق بڻجي وئي آهي. گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڀارت لاڳيتو بيان ڏئي رهيو آهي، ان جي فوج جي ليڊرشپ به بيان ڏئي رهي آهي، ڀارت هن قوت انتهائي ڊپريشن ۾ مبتلا آهي.











