سمنڊ پار پاڪستاني، پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ خيرسگالي جا سفير آهن: سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني

لنڊن-06 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني، پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ خيرسگالي جا سفير آهن، جمهوري ادارن وچ ۾ مسلسل رابطا ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائين ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن لنڊن ۾ برطانوي پارليامينٽ ميمبر محمد ياسين سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ پارلياماني ادارن وچ ۾ وفدن جي مٽاسٽا ۽ اداره جاتي سهڪار تي ڳالهه …

لنڊن-06 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني، پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ خيرسگالي جا سفير آهن، جمهوري ادارن وچ ۾ مسلسل رابطا ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائين ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن لنڊن ۾ برطانوي پارليامينٽ ميمبر محمد ياسين سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ پارلياماني ادارن وچ ۾ وفدن جي مٽاسٽا ۽ اداره جاتي سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ خطي ۽ عالمي سطح تي گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. برطانوي پارليامينٽ ۾ پاڪستاني ڄائي ميمبر جي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني ٻنهي ملڪن وچ ۾ خيرسگالي جا سفير آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني پاڪستان جي هاڪاري سُڃاڻپ اجاگر ڪري رهيا آهن، جمهوري ادارن وچ ۾ مسلسل رابطا ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائين ٿا. محمد ياسين پاڪستان جي پارلياماني روايتن ۽ جمهوريت ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن وچ ۾ ويجهن ناتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سرگرم رهندس. هن چيو ته برطانيه ۾ پاڪستاني ڪميونٽي ٻنهي ملڪن جي ناتن ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري ڪميونٽي والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام جي خوداراديت واري حق جي حمايت ڪري ٿي، ملاقات خوشگوار ۽ هاڪاري ماحول ۾ پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ بنهي ملڪن وچ ۾ ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

مزید خبریں