ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ واضح پاليسي اڻٽر آهي: سينيٽر شيري رحمان

اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ گهڻن ڏينهن کان لفظن جي جنگ جاري آهي، ٻي طرف ٻوڏ متاثر اڃا به امداد جا منتظر آهن، 6.5 ملين کان وڌيڪ ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا، خاص ڪري پنجاب جو عوام ڏُکيائين ۾ گهيريل آهي، پر سندن لاءِ جامع حڪمت عملي جي کوٽ آهي. شيري رحمان پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا جي نمائندن …

اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ گهڻن ڏينهن کان لفظن جي جنگ جاري آهي، ٻي طرف ٻوڏ متاثر اڃا به امداد جا منتظر آهن، 6.5 ملين کان وڌيڪ ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا، خاص ڪري پنجاب جو عوام ڏُکيائين ۾ گهيريل آهي، پر سندن لاءِ جامع حڪمت عملي جي کوٽ آهي. شيري رحمان پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائي رهي هئي. هن چيو ته پ پ وٽ 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ صورتحال کي مُنهن ڏيڻ جو تجربو آهي، ان لاءِ موجوده بحران ۾ به اسان کي هڪ منظم ۽ عملي ردعمل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته انٽرنيشنل ايڊ کي پِنڻ نٿو چئي سگهجي، هي پاڪستان جو حق آهي، جيڪو ملڪ پهرين ئي قرضن جي ڌُٻڻ ۾ آهي، اتي ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ واضح پاليسي اڻٽر آهي. پ پ اڳواڻ ٻُڌايو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ويو، اتي پنجاب جي وزيراعليٰ جي تعريف ڪئي ۽ امداد به ورهائي. اسان ان حوالي سان ڪا سخت ڳالهه نه ڪئي ۽ نه ئي معاملي کي سياست جي ور چاڙهيو. هن چيو ته سنڌ ۾ هاري ڪارڊ ذريعي متاثرن کي رليف ڏنو پيو وڃي، جيڪو باقي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ به متعارف ٿيڻ گهرجي. شيري رحمان چيو ته اسان آءِ ايم ايف کان ڪلائمينٽ فنڊنگ گُهري رهيا آهيون جيڪو پاڪستان جو حق آهي، خيرات ناهي، جيڪڏهن پنجاب جي عوام لاءِ رليف گهرڻ تي ڪنهن کي اعتراض آهي ته هي حيران ڪندڙ ڳالهه آهي، پنجاب ڪنهن جي جاگير ناهي. جڏهن ته سينيٽ اجلاس ۾ خطاب دوران شيري رحمان چيو ته ٻوڏ متاثرن جي باري ۾ سوچڻ جي ضرورت آهي، پ پ وٽ 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ صورتحال کي مُنهن ڏيڻ جو تجربو آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ويو، اتي پنجاب جي وزيراعليٰ جي تعريف ڪئي ۽ امداد ورهائي. شيري رحمان چيو ته سنڌ ۾ ته هاري ڪارڊ متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو باقي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ به هئڻ گهرجي. هن چيو ته علي حيدر گيلاني جي سڀني کي خبر آهي ته هو پهريان به اغوا ٿي چڪو هو، کيس سيڪيورٽي ڏني وڃي.

مزید خبریں