سڄي ملڪ ۾ پاڪستان ريلوي جي ڪل ايراضي هڪ لک 68858 ايڪڙ آهي، 13115 ايڪڙ ايراضيءَ تي قبضو يا حددخليون آهن: وزارت

اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ پاڪستان ريلوي جي ڪل ايراضي هڪ لک 68858 ايڪڙ آهي، جنهن مان 13115 ايڪڙ ايراضيءَ تي قبضو يا حددخليون آهن. قومي اسيمبليءَ کي وزارت طرفان ناز بلوچ جي سوال جي جواب ۾ ٻُڌايو ويو ته پاڪستان ريلوي صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان گذريل ٽن سالن ۾ اهم قدم کنيا آهن، انهن ۾ صوبائي حڪومتن …

اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ پاڪستان ريلوي جي ڪل ايراضي هڪ لک 68858 ايڪڙ آهي، جنهن مان 13115 ايڪڙ ايراضيءَ تي قبضو يا حددخليون آهن. قومي اسيمبليءَ کي وزارت طرفان ناز بلوچ جي سوال جي جواب ۾ ٻُڌايو ويو ته پاڪستان ريلوي صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان گذريل ٽن سالن ۾ اهم قدم کنيا آهن، انهن ۾ صوبائي حڪومتن سان گڏجي هڪ حددخلين جي خاتمي واري مهم شروع ڪئي وئي آهي. آءِ جيز ۽ـ چيف سيڪريٽريز کي مڪمل سهڪار جي درخواست ڪئي آهي. ٽه ماهي حددخلين جي خاتمي وارو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي. ملڪيتي آرڊيننس 1965ع تحت 14 ڏينهن ۾ قبضي ڪندڙن کي نوٽيسز ۾ قبضا خالي ڪرڻ جي مهلت ڏني وئي آهي. سمورو ريلوي رڪارڊ ڊجيٽلائيزڊ ۽ صوبائي ڊيٽا بيسز سان ڳنڍيو ويو آهي. سال 2020ع کان 2025ع تائين قبضي جا ڪل 5182 ڪيسز رپورٽ ٿيا جن ۾ چالان جي شرح 99 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي، انهن ڪوششن سان 2552 ايڪڙ ايراضيءَ خالي ڪرائي وئي.

مزید خبریں