لنڊن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي محنت سان ملڪ جي سُڃاڻپ بهتر ٿي: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته لنڊن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي محنت سان ملڪ جي سُڃاڻپ وڌيڪ بهتر ٿي، پاڪستان ۽ برطانيه جا ناتا تاريخي، گڏيل احترام ۽ گڏيل قدرن تي ٻَڌل آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سيد يوسف رضا گيلاني سان لنڊن ۾ ڊپٽي ميئر سلاؤ عاصم رانجها ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بئريسٽر اصغر رانجها پڻ شريڪ …

اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته لنڊن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي محنت سان ملڪ جي سُڃاڻپ وڌيڪ بهتر ٿي، پاڪستان ۽ برطانيه جا ناتا تاريخي، گڏيل احترام ۽ گڏيل قدرن تي ٻَڌل آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سيد يوسف رضا گيلاني سان لنڊن ۾ ڊپٽي ميئر سلاؤ عاصم رانجها ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بئريسٽر اصغر رانجها پڻ شريڪ هو. سينيٽ چيئرمين عاصم رانجها جي پاڪستاني ڪميونٽي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني اسان جا حقيقي سفير آهن، پاڪستاني ڪميونٽي برطانيه ۾ خيرسگالي ۽ سهڪار کي هٿي وٺرائي رهي آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مان بارباڊوس ۾ 68هين ڪامن ويلٿ پارلياماني ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سرڪاري دؤري تي آهيان. سينيٽ چيئرمين جو لنڊن ۾ قيام دوران ڪميونٽي اڳواڻن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي. ڊپٽي ميئر عاصم رانجها سينيٽ چيئرمين سان ملاقات تي ٿورو مڃيو. عاصم رانجها برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي ۽ ميزبان معاشري جا ناتا مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں