گهرو وفاقي وزير سان برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر لارڊ شفق جي ملاقات

اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير محسن نقوي سان برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر لارڊ شفق محمد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- برطانيه ناتن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان برطانيه سان پُراڻن ناتن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. برطانيه ۾ موجود پاڪستاني ڪميونٽي گهڻ رُخي ۽ ٻنهي ملڪن جي …

اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير محسن نقوي سان برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر لارڊ شفق محمد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- برطانيه ناتن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان برطانيه سان پُراڻن ناتن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. برطانيه ۾ موجود پاڪستاني ڪميونٽي گهڻ رُخي ۽ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پاڪستاني ڪميونٽي ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطن ۾ اهم پل طور تي ڪم ڪري رهي آهي. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ ڪنهن به ڏوهاري سرگرمي ۾ ملوث پاڪستانين جو فعل مذمت جوڳو آهي ۽ کين واپس وٺڻ اسان جي ذميداري آهي، پر اهي پاڪستاني ناهن جيڪي پنهنجي شهريت ڇڏي چڪا آهن. برطانوي ميمبر لارڊ شفق ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتن کي مضبوط بنائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي گهرو وفاقي سيڪريٽري محمد خرم آغا، ڊي سي اسلام آباد ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.

مزید خبریں