لاڙڪاڻو- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي پريس ترجمان پنھنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آھي ته، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي بيچ-51 جي شاگردن تازو لياقت نيشنل ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۾ منعقد ٿيل قومي فورينزڪ پوسٽر مقابلي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي. ان مقابلي ۾ سڄي ملڪ مان 44 ميڊيڪل ڪاليجن ۽ 9 يونيورسٽين جون 100 کان وڌيڪ ٽيمون شامل هيون. رڳو …
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن قومي فورينزڪ پوسٽر مقابلي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي پريس ترجمان پنھنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آھي ته، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي بيچ-51 جي شاگردن تازو لياقت نيشنل ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۾ منعقد ٿيل قومي فورينزڪ پوسٽر مقابلي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي. ان مقابلي ۾ سڄي ملڪ مان 44 ميڊيڪل ڪاليجن ۽ 9 يونيورسٽين جون 100 کان وڌيڪ ٽيمون شامل هيون. رڳو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج طرفان ڇهه ٽيمون مختلف تحقيقي پوسٽرن سان حصو وٺي رهيون هيون. پنهنجي شاندار تحقيقي ڪوششن ۽ بهترين پريزنٽيشن جي بنياد تي انهن کي مجموعي طور تي اعليٰ اعزاز ۽ چيمپئن شپ ٽرافي سان نوازيو ويو. شاندار ڪاميابي جي خوشي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ هڪ پروقار تقريبِ منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه ڪامياب شاگردن کي مڃتاسرٽيفڪيٽ ۽ سندن استادن کي شيلڊ پيش ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه چيو ته مون کي پنهنجي شاگردن ۽ فيڪلٽي جي صلاحيتن تي مڪمل اعتماد آهي، منهنجو پختو يقين آهي ته اسان جا شاگرد دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي شاگردن کان گهٽ ناهن. جيڪڏهن کين درست رهنمائي ۽ موقعا ملن ته اهي عالمي سطح تي شاندار ڪاميابيون ماڻي سگهن ٿا ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر ضمير احمد سومرو پڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي شاگردن جي ڪاميابي اصل ۾ سندن استادن ۽ اداري جي ڪاميابي آهي. هي ڪارنامو سڄي يونيورسٽي لاءِ فخر جو سبب آهي ۽ مون کي يقين آهي ته اسان جا شاگرد قومي ۽ عالمي سطح تي پاڻ مڃائيندا رهندا. تقريب ۾ وائيس پرنسپل ڊاڪٽر فوزيه چانڊيو، ڊائريڪٽر اڪيڊمڪس پروفيسر ڊاڪٽر شاهد حسين سومرو، ڊاڪٽر رابيل الطاف، ڊاڪٽر آصف رضا گاد، ڊاڪٽر عزيز احمد سومرو، ڊپٽي ڊائريڪٽر آءِ ٽي وحيد زمان سميت وڏي انگ ۾ آفيسر، فئڪلٽي ميمبر ۽ شاگرد شريڪ ٿيا.











