پترا جايا - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا تعليم، حلال سرٽيفڪيشن، سياحت ۽ بدعنواني جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي لاءِ مفاهمت جي 6 يادداشتن تي صحيحون ڪيون. ان سلسلي ۾ تقريب ملائيشيا جي وزيراعظم جي آفيس ”پردانا پُترا ڪمپليڪس“ ۾ منعقد ٿي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ تقريب ۾ …
پاڪستان ۽ ملائيشيا پاران مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي لاءِ مفاهمت جي 6 يادداشتن تي صحيحون

مزید خبریں
پترا جايا – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا تعليم، حلال سرٽيفڪيشن، سياحت ۽ بدعنواني جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي لاءِ مفاهمت جي 6 يادداشتن تي صحيحون ڪيون. ان سلسلي ۾ تقريب ملائيشيا جي وزيراعظم جي آفيس ”پردانا پُترا ڪمپليڪس“ ۾ منعقد ٿي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، پاڪستان ۽ ملائيشيا سفارتڪارن جي تربيت جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ انسٽيٽيوٽ آف ڊپلوميسي اينڊ فارن ريليشنز ۽ پاڪستان جي فارن سروس اڪيڊمي جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي دستاويزن جي مٽاسٽا پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ملائيشيا جي پرڏيهي وزير حاجي محمد بن حاجي حسن ڪئي. اهڙي طرح ٻنهي ملڪن جي حڪومت جي وچ ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ ملائيشيا جي اعليٰ تعليم واري وزير ڊاڪٽر زامبري عبدالقادر دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي، سياحت جي فروغ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت جي شعبي ۾ تعاون بابت مفاهمتي يادداشت تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. ملائيشيا جي سياحت واري وزير تيونگ ڪنگ سنگ ۽ پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي. حلال سرٽيفڪيشن جي شعبي ۾ تعاون بابت هڪ ٻي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. دستاويزن جي مٽاسٽا ملائيشيا جي مذهبي معاملن واري وزير ڊاڪٽر حاجي محمد نعيم بن حاجي مختار ۽ پاڪستان جي واپار واري وزير ڄام ڪمال خان جي وچ ۾ ٿي. ٻنهي ملڪن بدعنواني جي روڪٿام جي لاءِ پڻ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي دستاويزن جي مٽاسٽا ملائيشين اينٽي ڪرپشن ڪميشن جي سربراهه اعظم بن باقي ۽ قومي احتساب بيورو (نيب) جي ڊپٽي چيئرمين سهيل ناصر جي وچ ۾ ٿي. مفاهمت جي ڇهين يادداشت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي فروغ بابت آهي جنهن تحت پاڪستان جي سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) ۽ ملائيشيا جي سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڪارپوريشن جي وچ ۾ تعاون کي وڌايو ويندو. ان موقعي تي دستاويزن جي مٽاسٽا ايس ايم اي ڪارپوريشن ملائيشيا جي سي اي او رضا بن داتونائن ۽ وزيراعظم جي خاص معاون سيد فاطمي جي وچ ۾ ٿي.











