پترا جايا- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ملائيشيا جي وزيراعظم آفيس آمد تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس (پردانا پترا) پهچڻ تي سندس اعزاز ۾ هڪ باضابطه استقباليه تقريب منعقد ڪئي وئي. ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم وزيراعظم محمد شهباز شريف جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. وزيراعظم کي ملائيشيا جي هٿياربند فوج جي هڪ دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. وزيراعظم گارڊ آف …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ملائيشيا جي وزيراعظم آفيس آمد تي گرمجوشي سان استقبال

مزید خبریں
پترا جايا- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ملائيشيا جي وزيراعظم آفيس آمد تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس (پردانا پترا) پهچڻ تي سندس اعزاز ۾ هڪ باضابطه استقباليه تقريب منعقد ڪئي وئي. ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم وزيراعظم محمد شهباز شريف جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. وزيراعظم کي ملائيشيا جي هٿياربند فوج جي هڪ دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. وزيراعظم گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملائيشيا جي وزيراعظم پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو. وزيراعظم شهباز شريف ملائيشيا جي وزيرن ۽ ٻين عهديدارن سان هٿ ملايو، جڏهن ته وزيراعظم پنهنجي وفد جي ميمبرن کي ملائيشيا جي وزيراعظم سان متعارف ڪرايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جو وزيراعظم انور ابراهيم پنهنجي ڪتاب "اسڪرپٽ” جي اردو ترجمي جي مهُورت ڪندا. ٻئي اڳواڻ پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪندا. ان کان پوءِ پاڪستان جو وزيراعظم ۽ ملائيشيا جو وزيراعظم هڪ گڏيل پريس بيان جاري ڪندا. ٻئي اڳواڻ پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪندا. ان کان پوءِ ٻئي اڳواڻ هڪ گڏيل پريس بيان جاري ڪندا.











