يوڪرين جي مفادن لاءِ قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون، عوام جو تحفظ پهرين ترجيع آهي: هنگري

بوداپيسٽ – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) هنگري جي وزيراعظم وڪٽر اوربان واضح ڪيو آهي ته ان جو ملڪ يوڪرين جي مفادن لاءِ قرباني ڏيڻ يا ان جهڙو انجام اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته هنگري جي حڪومت جي پهرين ترجيع هنگري جي جي جانين ۽ مفادن جو تحفظ آهي. هنگري جي عوامي سفارتڪاري بابت سيڪريٽري زولتان ڪوواڪس ايڪس تي لکيو ته اسان يوڪرين جهڙو …

بوداپيسٽ – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) هنگري جي وزيراعظم وڪٽر اوربان واضح ڪيو آهي ته ان جو ملڪ يوڪرين جي مفادن لاءِ قرباني ڏيڻ يا ان جهڙو انجام اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته هنگري جي حڪومت جي پهرين ترجيع هنگري جي جي جانين ۽ مفادن جو تحفظ آهي. هنگري جي عوامي سفارتڪاري بابت سيڪريٽري زولتان ڪوواڪس ايڪس تي لکيو ته اسان يوڪرين جهڙو انجام نٿا چاهيون. جيڪڏهن اسان يوڪرين کي يورپي يونين ۾ شامل ڪريون ٿا ته ان جو مطلب روس سان جنگ آهي. اسان يوڪرين لاءِ مرڻ نٿا چاهيون.

مزید خبریں